مٽياري واسي اڳوڻو ايم اين اي امير علي شاهه ڄاموٽ لاڏاڻو ڪري ويو

آڪٽوبر 2, 2023

مٽياري (رپورٽر) مٽياري ڄائو اڳوڻو ايم اين اي حيدرآباد امير علي شاھ ڄاموٽ سندس رهائش گاهه حيدرآباد تي لاڏاڻو ڪري ويو آهي

امير علي شاهه ڄاموٽ جي جنازي نماز سندس اباڻي شھر مٽياري ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن بعد سندس تدفين اباڻي قبرستان ميون سيد حاجي شاهه ۾ ڪئي وئي

ياد رهي ايم اين اي سيد طارق حسين شاهه ڄاموٽ جو والد امير علي شاهه ڄاموٽ ڪجهه عرصي کان گوڏن جي بيماري ۾ ورتل هو

امير علي شاهه ڄاموٽ 1941 مٽياري سيد انور علي شاهه ڄاموٽ جي گهر ۾ پئدا ٿيو هو،  ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ 2 ڀيرا ايم پي پڻ رهيو ۽ 3 ڀيرا حيدرآباد واري تڪ تان ايم اين اي رهيو

 2018 واري اليڪشن پاڻ سياست کان رستا الگ ڪندي سندس وڏي پٽ سيد طارق شاهه کي ايم اين اي واري تڪ تي بيهاريو. سندس فيملي شروع کان پاڪستان پيپلزپارٽي سان سلهاڙيل رهي آهي

Leave A Comment