مٽياري ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ سهري هٿان ننهن ۽ 2 نوجوان قتل

آڪٽوبر 11, 2023

مٽياري(رپورٽر) مٽياري جي علائقي کيبر ويجهو ڳوٺ ڪرم لاشاري ۾ همراهه ڪارنهن جي الزام هيٺ پنهنجي نُنهن ۽ ٻن نوجوانن کي گوليون هڻي  قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو

پوليس موجب جوابدار حيات لاشاري ڏوهه باسيندي چيو آهي ته ننهن رضيه جي ڪمري ۾ 2 نوجوانن کي ڏسي ڪاوڙ ۾ اچي فائرنگ ڪري ڏني

 گوليون لڳڻ سبب ناري رضيه، نبي بخش کوسو ۽ اڪن کوسو ٿڏي تي مارجي ويا، مارجي ويل بخش ۽ اڪن کوسو اڏيرو لال ويجهو ڳوٺ بچل هڱورجا جا رهواسي هئا، ٽئي لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا

Leave A Comment