| مٽياري ويجهو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ال ابراهيم اليون کٽي ورتو |
مٽياري( اسپورٽس نيوز) مٽياري لڳ ٽنڊو سعيد خان ۾ نوجوان ڪرڪيٽر اياز حاجياڻو پاران ڪل 84 ٽيمن تي مشتمل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ لڳرايو ويو، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان ڪرڪيٽ ٽيمن حصو ورتو، ٽورنامينٽ ناڪ آئوٽ جي بنياد تي کيڏي وئي، جنهن مان ال ابراهيم ڏيٿا ۽ لال شاھ اليون فائنل ۾ پهتيون، فائنل ۾ ال ابراهيم ڏيٿو پهريان کيڏيندي شاهزين مري جي 84 رنسن ۽ اڪرم سمون جي 45 رنسن جي مدد سان 8 اوورن ۾ 169 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، مخالف ٽيم مليل ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي، صرف 90 رنسن تي ئي ڍير ٿي وئي، فائنل جي مهمان خاص پي ٽي آءِ اڳواڻ سهيل احمد جهيجو، نصير ميمڻ ۽ شعيب خاصخيلي کٽيندڙ ٽيم جي ڪپتان کي وننگ ٽرافي ۽ انعامي رقم ڏني