| مٽياري ويجھو هانءَ ڏاريندڙ حادثو: ٽرالر وين مٿان ڪلٽي: 3 مسافر فوت، 12 زخمي |
مٽياري(رپورٽر) مٽياري ويجهو قومي شاهراه تي خوفناڪ حادثو پيش آيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مسافر وين مٿان ٽرالر ڪلٽي ٿي پيو، 3 ڄڻا فوت ۽ 12 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. ان ڏس ۾ مٽياري ويجهو قومي شاهراه تي ڀنڀرا ڦاٽڪ وٽ هڪ تيز رفتار ٽرالر ڪنٽرول مان نڪري خيرپور کان ڪراچي ويندڙ مسافر وين مٿان ڪلٽي ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ وين ۾ سوار 3 مسافر موقعي تي ئي دٻجي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 12 کان وڌيڪ مسافر سخت زخمي ٿي پيا فوتين ۾ هڪ 12 سالن جي نينگري پڻ شامل آهي، فوت ٿيلن ۾ 13 وهين جي مرڪ خاصخيلي،27 ورهين جو ڪامران ڪوري ۽ 30 ورهين جو خير محمد ڪوري شامل آهن، زخمين ۾ ريما ۽ ٻيا شامل آهن. واقعي واري هنڌ 1122 ريسڪيو ٽيمون ۽ پوليس پهچي وئي جنهن بعد انتظاميه پاران هيوي مشينريون گهرائي جنهن جي مدد سان وين مٿان ڪريل ٽرالر کي هٽائي وين ۾ ڦاتل ٽن ماڻهن کي ٻاهير ڪڍهڻ لا۽ ڪوششون ڪيون پيون ويون جڏهن ته زخمين کي فوري طور تي تعلقه اسپتال هالا منتقل ڪيو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته حادثي سبب ڪيترائي مسافر ڪلاڪن تائين وين اندر ڦاٿل رهيا، جن کي بعد ۾ ريسڪيو ٽيم ڪرين ذريعي ڪٽي ڪڍي ٻاهر آندو. جتي ڪجھه زخمين جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي حادثي سبب قومي شاهراه تي روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون هنيون، جڏهن ته حادثو ٽرالر کي ڪوچ ڪراس ڪندي پيش آيو جنهن سبب ٽرالر ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري فٽ پاٿ ٿي چڙهي مسافر وين مٿان ڪلٽي ٿي پيو وين ۽ ٽرالر ڊرائيور موقعي تي ئي گاڏيون ڇڏي فرار ٿي ويا.پوليس موجب مسافر وين ٺري ميرواهه کان ڪراچي وڃي رهي هئي، جڏهن ته حادثو ٽرالر جو ٽائر ڦاٽجڻ بعد ان جي وين مٿان ڪلٽي ٿيڻ سبب پيش آيو. ٽرالر جو ڊرائيور واقعي بعد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته هالا پوليس ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو۔