مٽياري (رپورٽر) مٽياري ٽائون ڪميٽي ۾ اڪثريت رکندڙ جي ڊي اي چيئرمين لاءِ حسن مرتضا شاهه ڄاموٽ ۽ وائيس چيئرمينن لاءِ سيد مير ڪاظم حسيني کي نامزد ڪرڻ تان ڪجهه ميمبرن کي خدشا، پ پ موقعي جو فائدو وٺڻ لاءِ سرگرم ٿي وئي
مڪاني چونڊن ۾ مٽياري ٽائون ڪميٽي تي جي ڊي اي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي هئي ۽ پ پ جا صرف 2 ڪائونسلر ڪامياب ٿي سگهيا هئا ۽ جي ڊي اي کي 4 سيٽون مليون هيون، هڪ آزاد حيثيت ۾ ڪامياب ٿيو هو
جي ڊي اي ٽائون چيئرمين لاءِ سيد حسن مرتضا شاهه ڄاموٽ ۽ وائيس چيئرمينن لاءِ سيد مير ڪاظم حسيني کي نامزد ڪري ڇڏيو آهي
ٻڌايو پيو وڃي ته جي دي اي پاران ٻنجي عهدن تي سيدن کي نامزد ڪرڻ تي جي دي اي ۾ به اختلاف پيدا ٿي ويا آهن جنهن جو فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ پ پ سرگرم ٿي وئي آهي
ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ قيادت هڪ ميمبرسان جي ڊي اي ڇڏي پ پ جي مدد ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو آهي
آزاد حيثيت ۾ ڪامياب ٿيل هڪ ميمبر طرفان پ پ ۾ شموليت اختيار ڪرڻ بعد ٽائون جي چيئرمين جي چونڊ دلچسپ صورتحال اختيار ڪري ورتي آهي