مٽياري ٽول پلازا تي رهواسين کي ريجھائڻ جي ڪوشش، هميشه لاءِ ٽيڪس ڇوٽ جي آڇ، عوامي اتحاد جو انڪار

جنوري 2, 2025

مٽياري  (رپورٽر) مٽياري ضلعي ۾ ٻئي ٽول پلازا جي معاملي تي عوامي اتحاد جي اڳواڻن ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ سان ملاقات ڪري پنهنجا خدشا پيش ڪيا. ان موقعي تي عوامي اتحاد اڳواڻن جو چوڻ هو ته مٽياري م ٻيو ٽول پلازا قبول نه آھي، جنهن تي ڪمشنر حيدرآباد چيو ته مٽياري ضلعي جي سمورين گاڏين کي ٽول فري ڪرائي اي ڪيٽيگري ڪرايو ويندو، جڏهن ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي عملدارن چيو آهي ته ٽول مان ملندڙ پئسن جي 70 سيڪڙو بجيٽ مقامي روڊن تي استعمال ڪئي ويندي. ان ڏس ۾ عوامي اتحاد پاران اڄ ھنگامي اجلاس ڪوٺايو ويو آھي ٻه ڏينھن ٽول پلازا جو ڪم بند ڪيو ويندو ٻن ڏينھن کان بعد ڊپٽي ڪمشنر مٽياري وٽ عوامي اتحاد ء نيشنل ھاء وي جي گڏجاڻي ٿيندي ڊپٽي ڪمشنر سان ملاقات ۾ نيشنل ھاء وي اٿارٽي جي ٽيم پڻ موجود هئي، تفصيلي ملاقات کان بعد اھو فيصلو ڪيو ويو ته ٻه ڏينھن ٽول پلازا جو ڪم بند رھندو ٻن ڏينھن کان بعد عوامي اتحاد پاران تجويزون پڻ پيش ڪيون وينديون، ڪمشنر پاران مٽياري جي علائقي واسين جي ھر قسم جي گاڏي ٽول کان ھميشه لاء آجي ھئڻ جي خاطري ڪرائي وئي. ملاقات ۾ طئه ڪيو ويو ته روڊ جو ڪم تسلي بخش ڪيو ويندو، ملاقات ۾ ڪمشنر تجويز ڏني ته روڊ تي ٿيندڙ حادثن جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙ ۽ فوتين کي انشورنس ڏني وڃي.  عوامي اتحاد جي تجويزن تي مڪمل عمل ڪرايو ويندو، هن چيو ته مٽياري لاء اي ڪيٽيگري ڪري تعلقي جي ھر گاڏيء کي ھميشه لاء ٽول فري ڪيو ويندو. آئون ان جو ضامن آھيان.  مٽياري عوامي اتحاد جي ھنگامي گڏجاڻي اڄ گھرائي ويئي آھي. ٻن ڏينھن اندر تجويزون مڪمل ڪري جمعي واري ڏينھن ڊپٽي ڪمشنر مٽياري وٽ عوامي اتحاد ۽ اين ايڇ اي جي گڏجاڻي ٿيندي. جنھن بعد گڏيل لائحه عمل جوڙيو ويندو، جڏهن ته عوامي اتحاد ٽول نه ٺھڻ تي بضد آھي. ملاقات ۾ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد يوسف شيخ، عوامي اتحاد جي اڳواڻن ۾ حاجي سارنگ منگواڻو، سليم سنڌي، ڄام شوڪت ابڙو، رحمت الله ترڪ، ايڊوڪيٽ پيرل مجيداڻو، الطاف خاصخيلي، صحافي طارق ميمڻ موجود ھئا.

Leave A Comment