مٽياري ٽول پلازا خلاف نيو سعيد آباد ۾ عوامي اسيمبلي: 26 ڊسمبر تي قومي شاهراهه تي ڌرڻي جو اعلان
ڊسمبر 21, 2024
نيوسعيدآباد(ن پ ا) نيوسعيدآباد پريس ڪلب اندر مٽياري ٽول پلازا جي تعمير خلاف مٽياري عوامي اتحاد پاران عوامي اسيمبلي لڳائي وئي 26 ڊسمبر خميس ڏينھن مٽياري وٽ قومي شاھراهه تي ٽول پلازا جي تعمير واري جا۽ تي تعميرات کي روڪڻ لاءِ ۽ احتجاجي ڌرڻو لڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو. عوامي اسيمبلي ۾ جميعت علما۽ السلام (ف) جسقم، ايس ٽي پي، مسلم ليگ (ن) جماعت اسلامي ۽ نيوسعيدآباد سول سوسائٽي جي ڪارڪنن جي وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي عوامي اسيمبلي ۾ اڳواڻن نصير ميمڻ حاجي سارنگ منگواڻو، حاجي صاحبڏنو ورياه، حافظ شيراز ميمڻ، ڄام شوڪت ابڙو، عبدالواحد عمراڻي، ڪامريڊ رشيد ڏيٿو، اياز ميمڻ، عبدالفتاح ڳاھوٽي، ملھار شيدي، حافظ حزب الله، شاھنواز شالمين خطاب ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت مٽياري ضلعي جي عوام جو معاشي استحصال ڪرڻ لاءِ ۽ مٽياري ضلعي اندر نيوسعيدآباد ٽول پلازا موجود ھئڻ جي باوجود ھڪ ٻيو ٽول پلازا تعمير ڪري رھي آھي جيڪو ڪنھن به صورت ۾ تعمير ٿيڻ نه ڏينداسين ھنن چيو ت جيستائين ٽول پلازا جي تعميرات نٿي روڪي وڃي تيستائين احتجاجي تحريڪ جاري رھندي.
35 ڪلوميٽرن تي ٻه ٽول ٺاهي سگھون ٿا: اين ايچ اي جي عجيب منطق
مٽياري (رپورٽر )مٽياري ٽول پلازا جي حوالي سان نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (اين ايڇ اي) جو موقف به سامهون اچي ويو آهي. ان حوالي سان ميمبر سنڌ ڪائونسل نيشنل هاءِ وي اٿارٽي پرڪاش لوھاڻو جو چوڻ آهي ته هڪ ضلعي ۾ ٻه ٽول پلازا ٺهڻ جو عمل قانون موجب آهي، قانون موجود آهي ته اسان 35 ڪلوميٽرن کانپوءِ ٽول لڳائي سگهون ٿا. هن چيو ته 1991 ع ايڪٽ تحت نيشنل هائي وي اٿارٽي مجاز آهي ٽول لڳائڻ جو بل به منظور ٿيل آهي، جنهن تحت ئي ٻيو ٽول لڳايو پيو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته پرڪاش لوھاڻو جيڪڏهن مقامي ماڻهن جو اهو مطالبو آهي ته مقامي مانهن کان ٽول نه ورتو وڃي ۽ انهن جي اچ وڃ کي مفت ڪيو وڃي ته اسان ان لاءِ هيڊ ڪوارٽر کان اجازت وٺي اهو نوٽيفڪيشن جاري ڪرائي سگهون ٿا. هن چيو ته اين ايڇ اي جي ڪوشش هوندي ته مقامي ماڻهن روزگار جا موقعا ملي سگهن.