مٽياري ۾ سرڪاري ٻيلا چٽ، 42 هزار ايڪڙ زمين ٺيڪيدار حوالي، وڻن جي واڍي به ختم نه ٿي

  مٽياري ۾ سرڪاري ٻيلا چٽ، 42 هزار ايڪڙ زمين ٺيڪيدار حوالي، وڻن جي واڍي به ختم نه ٿي

مٽياري (رپورٽر) عدالتي ۽ حڪومتي پابندي باوجود مٽياري ضلعي اندر ٻيلي کاتي جي زمينن تان وڻن جي واڍي جو سلسلو نه رڪجي سگهيو، سرڪاري زمين به ڀڳڙن مٺ تي مقاطعي تي ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. مليل اطلاعن موجب مٽياري ضلعي جي ٻيلي کاتي جي ڪامورن جي نااهلي ۽ لاپرواهي سبب ٻيلن مان وڻن جي واڍي جو سلسلو جاري آهي.  قيمتي ڪاٺ وڍي سرڪاري زمينن تي پوکون ڪيون پيون وڃن، ان سموري معاملي تي ٻيلو کاتو خاموش تماشائي بڻيل آهي. جنهن ڪري تعقلي مٽياري جي سموري ٻيلي کاتي جي زمينن تان ڪاٺ جي واڍي نه رڪجي سگهي آهي، ٻيلي کاتي جي بيٽ ٽو ۽ ٿري جي چونڪڙي نمبر 41، 36 سي ۽ 68 مان وڻن جي واڍي جاري آهي، جڏهن ته سال 2022ع ۾ پوکيل اسڪيم 100 ايڪڙن تي بيٺل به وڍي پٽ ڪيو ويو آهي ذريع موجب ان ڪاٺ جي ماليت في ايڪڙ 8 کان 10 لک  رپيا هئي. ذريعن موجب ٻيلو کاتو مٽياري رينج جي 42 هزار ايڪڙ زمين 5 ڪروڙ رپين ۾ ٺيڪي تي ڏني وئي آهي. جنهن ۾ 11 هزار ايڪڙ مٽياري، ست هزار ايڪڙ کنڊو بلاڪ، ڇهه هزار ايڪڙ سالارو، 13 هزار ايڪڙ ڪچو کاڻوٺ، 5 هزار ايڪڙ پڪو کاڻوٺ جون زمينون شامل آهن.
 

سيکاٽ، مٽياري، هالا، کيبراڻي ٻيلن جون زمين به رشوت عيوض الاٽ
 

مٽياري: ذريعن موجب سيکاٽ، مٽياري، هالا، کيبراڻي، رئيس مريد ڪي، سالارو ون ۽ 2، ڪچو پڪو کاڻوٺ ٻيلن جون زمينون به لکين رپين جي رشوت عيوض ڏنيون ويون آهن.
 

ٻيلي کاتي جا ملازم موڪل تي اماڻيا ويا، ٻيلا نجي ماڻهن حوالي
 

مٽياري: ٻيلي کاتي جي ملازمن کي موڪل تي اماڻڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ضلعي ۾ مقرر ٻيلي کاتي جي ملازمن کي موڪل تي روانو ڪري ٻيلا پرائيويٽ ماڻهن کي ٺيڪي ۾ ڏنا وويا آهن. ٻيلي کاتي جا گارڊ، جمعدار، بيلدار سميت سمورا ملازم موڪلن تي هليا ويا آهن.