| مٽياري ۾ گيسٽرو ڦهلجي وئي، 190 مريض اسپتال داخل، ٻارڙن جي اڪثريت |
مٽياري (رپورٽر) مٽياري ۾ گرمي شروع ٿيندي ئي گيسٽرو وبائي صورت اختيار ڪري ورتي آھي صحت کاتي جي ذريعن موجب ضلعي جي سرڪاري توڙي خانگي اسپتالن ۾ 190 کان وڌيڪ گيسٽرو جا مريض آندا ويا جن مان لڳ ڀڳ 30 کان وڌيڪ مريضن کي حيدرآباد ۽ نوابشاھ جي اسپتالن ڏانھن ريفر ڪيو ويو، اڪثريت ننڍن ٻارڙن جي ٻڌائي پئي وڃي جڏھن ته مريضن ۾ عورتون توڙي مرد پڻ شامل آھن، ضلعي ۾ گيسٽرو جي مرض ۾ اضافي سبب اسپتالون مريضن سان سٿجي ويون آھن، مريضن جي وارثن اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ جون شڪايتون ڪيون آھن، مريضن جي وارثن مطابق ضلعي جون اسپتالون ريفر سينٽر بڻيل آھن، هنن بھتر سھولتن جو مطالبو ڪيو آھي.