اسان جي ڳوٺ نما شھر شاھپور چاڪر جو ناميارو ڊاڪٽر رضا محمد سومرو يورپ جي ملڪ آئرلينڊ ۾ پنھنجي وڏي پٽ ڊاڪٽر نظير رضا سومرو جي گھر ۾ صبح جو ناشتو ڪرڻ بعد اچانڪ دل جي دوري سبب ھي جھان ڇڏي ويو. ھن چاليھن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين طب جي شعبي ۾ نوڪري ڪئي، ھن سنڌ توڙي سعودي عرب ۽ آخر ۾ انگلينڊ ۽ آئرلينڊ ۾ ڊاڪٽري ڪئي، ھو پاڻ به دل جو وڏو نالي وارو ڊاڪٽر ھو، توڻي جو کيس مون جيان بلڊپريشر ۽ شگر جھڙيون بيماريون ھيون پر ھو صحتمند ھو ۽ بظاھر کيس ڪا تڪليف نه ھئي پر زندگي آهي، ان کي پورو ته ٿيڻو ھوندو آھي. ڪو نه ڪو بھانو ٿي پوندو آھي، ۽ اھو بھانو صرف اسان جي ڪچھرين جو موضوع ھوندو آھي، وڃڻ وارو روح ويندو ھليو آھي، اھوئي دستور آھي زندگيءَ جو.
ڪن ماڻھن جي صرف وڃڻ تي ڏک نه ٿيندو آھي، بلڪه ھو اسان کي سوچڻ لاءِ ڪافي ڳالھيون ۽ نقطا ڏئي ويندا آھن، بلڪل “ايڪ نقطي وچ گل مڪدي اي” جيان سندن پڄاڻان اھو نقطو نه صرف ڳولڻو پوي ٿو، پر ان جي نشاندھي ۽ تشريح پڻ ڪرڻي پوي ٿي. ڊاڪٽر رضا سومرو جي زندگيءَ جو بيان جنھن نقطي ۾ عيان آھي. سو آھي سندس تعليم، ڊاڪٽريءَ جي تعليم، نوڪري، ملڪ کان ٻاھر وڃڻ، پنھنجي خاندان جو نہ صرف نالو روشن ڪرڻ، بلڪه کين مالي طور سگھارو بنائڻ، سندن ڏھاڪن تائين مالڪي ڪرڻ، صرف ھڪڙي فرد جي محنت، سچائي ۽ وفا جو ڪيڏو ڏور تائين اثر ٿئي ٿو، سو اسان اکين سان ڏٺو.
ڪجهه ڏينهن اڳ سندس آئرلينڊ ۾ وفات ٿي آھي. جي شاھپور چاڪر ۾ ھجان ھا ته سندس تڏي تي ويھي سندس پٽن، ڀائٽين، سندس ماسات ۽ سالي چاچي يار محمد سومري ۽ سندس اولاد سان تعزيت ڪريان ھانم ۽ سندس ڳالھيون ويھي ساريون ھا. پنھنجي ديس کان پري رھڻ جي ڪري مون پنهنجي اندر ۾ سندس تڏو وڇايو آھي ۽ ھن تحرير جي ذريعي کيس ياد به ڪري رھيو آھيان ۽ کيس ڀيٽا به ڏئي رھيو آھيون.
مون ڪئين ڏينھن کان ڪجھ لکيو نه آھي، خاص ڪري ليپ ٽاپ تي ويھي ڪو مضمون نه لکيو آھي، پر ڊاڪٽر رضا جھڙا ماڻھو جڏھن ھي جھان ڇڏي ويندا آھن ته ھو اسان جھڙن عام ماڻھن کي گھڻو ڪجھه سوچڻ لاء ڏئي ويندا آھن،. بلڪه ايئن چوان ته سندن ڪردار ۽ عمل اسان لاءِ اتساھ جو سبب بڻبو آھي ۽ ايترو اثر ڇڏيندو آھي، جو ماڻھوءَ جي ھونئن خالي دماغ ۾ خيالن جا سلسلا جنم وٺن ٿا، ۽ ھن جي زندگي اسان کان لکرائي ٿي، اھو ڪمال ليکڪ جو نه، پر ان شخص جي خيالن جي روشني ۽ رعنائي جو آھي، جو کائنس ھزارين ميل پري ويھي، سندس انتقال بعد به کيس سارجي، سندس زندگيء بابت اظھار ڪندي ماڻھو پاڻ منور ٿي وڃي. فيض احمد فيض جي بقول ته:
“یہ سخن جو ہم نے رقم کیے یہ ہیں سب ورق تری یاد کے”
شاھپور چاڪر جي ان سومرن جي خاندان سان منھنجي مرحوم چاچي قربان راڄپر جو تعلق 1970 جي ڏھاڪي کان وٺي ھلندو اچي ٿو، اسان کي سندن مردن توڙي عورتن طرفان عزت، احترام ۽ پنھنجائپ جو احساس ڏھاڪن کان ملندو رھيو آھي، مون لاءِ سندن گھر ڄڻ پنھنجو گھر رھيو آھي، ڊاڪٽر رضا جو ڀائيٽيو ڊاڪٽر امير سومرو ۽ سندس گھرواري ماسي پارسا جو ڀائيٽيو ڊاڪٽر مسعود عالم سومرو منھنجا پرائمري اسڪول کان وٺي ڪلاس فيول رھيا آھن، جنھن ڪري سندن گھر اچڻ وڃڻ عام جام رھيو آھي. مرحوم ڊاڪٽر رضا جو وڏو پٽ ادا نظير سومرو، جيڪو پاڻ آئرلينڊ ۾ دل جو ڊاڪٽر آھي، جڏھن به شھر يا گھر ايندو ھو ته سڀ گڏبا ھئاسين، مونکي اڄ به ياد آھي ته سندس امڙ اسان سڀني کي رات جي ماني ۾ دال چانور سان گڏ مٺو کير ڏيندي ھئي.
چاچا قربان جي شاديءَ بعد مان به اچي ساڻس شاھپور چاڪر ۾ رھيس ۽ اتي ئي پرائمري ۽ ھاءِ اسڪول پڙھي پورو ڪيم. چاچا جي پھرين گھرواري جڏھن گذاري وئي ته اسان سندس تڏو به چاچا غلام حسين سومرو جي اوطاق تي ڪيو ھو، سڀ ڪم ڪار ۽ انتظام ھنن پئي ڪيا، بلڪل ايئن جيئن سال اڳ 1985 ۾ چاچي جي شاديء جا انتظام ۽ رھائش ھنن جي اوطاق تي ھنن ئي پئي ڪئي. پرايا ماڻھو، ٻئي ذات وارا، ٻئي شھر وارا ماڻھو ايڏا ويجھا، ڇو ۽ ڪيئن، ان جا سبب ڪيئن ۽ ڪٿي ڳولجن.
مان ڊاڪٽر رضا جي خاندان کي 1985 کان سڃاڻان، اھو چاليھ سالن جو عرصو آھي، ڪنھن ھڪ به ماڻھوءَ ۾ ٽڪي جي ڪا ڦير گھير، تفاوت، ھرگز نه. مرحوم چاچو غلام حسين سندس وڏو ڀاءُ، شھر جي ٽائون ڪميٽيءَ جو اڳوڻو وائس چيئرمين پڻ رھيو، گھر جو وڏو به ھو، شريف النفس ماڻھو، سڄي شھر وارن سان اٿڻ ويھڻ، شھر ۾ دڪان، ميڊيڪل اسٽور، پنھنجو مينھن جو واڙو، بعد ۾ ھڪ پيٽرول پمپ به کوليائون، گھر جا ڪيترائي نوجوان ڊاڪٽر ۽ انجنيئر، سي سڀ ڊاڪٽر رضا سومرو جي مالي تعاون ۽ رھمنائي سبب ئي ٿي سگھيا آھن، ھڪڙي فرد جي محنت، قابليت ۽ وفا سڄو خاندان خوشحال، تعليم يافتہ ٿي ويو.
گڏيل خاندان (جوائنٽ فيملي) جو تصور اسان ٻڌو آھي، پر اھو صرف ماءُ پيءُ، ۽ ڀائرن تائين محدود ھجي ٿو، ھنن سومرن جي ڪيس ۾ ايئن نه آھي، سندن جوائنٽ فيملي نه صرف وڏي بلڪه ڏاڍي منفرد آھي، جنھن ۾ گھٽ ۾ گھٽ ۾ 20 پرڻيل جوڙا گڏ رھن ٿا، گھر ۾ 100 کن ماڻھو ته آرام سان ھوندا.
خاندان سماج جو ھڪ يونٽ ھجي ٿو، ڊاڪٽر رضا جي تعليم، محنت، قابليت ۽ مالڪي پنھنجي خاندان کي تبديل ڪيو، سنڌ جھڙي زرعي سماج ۾ خاندان جي نوجوانن کي جديد تعليم ذريعي نوان پيشا ڏنا، دڳ ڏنا، تبديل ڪيو، پر پاڻ پنھنجي رويي توڙي سڀاء ۽ ڪردار ۾ ساڳيو رھيو، ھن ۾ ڪو ڦير نه آيو، خالص رھيو، جيئن ته مون سندس امڙ ڏٺي ھئي مونکي ان جو ئي عڪس نظر ايندو ھو.
سنڌ جي پسماندگيء، بک ۽ محرومين جو علاج تعليم ۾ آھي، ھر گھر ۾ ھڪڙو ڊاڪٽر رضا سومرو ٿو گھرجي، جيڪو سنڌ جي بيٺل سماج کي ڪنھن سنئين دڳ لائي. اسان مان جيڪي به ماڻھو سماجي ترقيء لاءِ تعليم جو گس ڏسيندا رھيا آھن، تن لاءِ ڊاڪٽر رضا جي زندگي ۽ ڪردار ھڪ روشن مثال آھي.
منھنجي خواھش ھوندي ته سندس پونئير سندس نالي سان شھر جي ھاءِ اسڪول جي ٻن شاگردن کي اسڪالرشپس ڏيڻ جو ھڪ پروگرام شروع ڪن ته جيئن سندن خاندان جيان ٻين جا به نصيب سٺا ٿين، مان به پنھنجو حصو ان ملائڻ ۾ خوشي محسوس ڪندس، سندس ڪردار ۽ نالي جي ليگيسي کي زندھ رکي سگھجي ٿو، جيئن ھن پنھنجن مٽن ۽ ويجھن عزيزن جي زندگيء ۾ اساني پيدا ڪئي، سندس ان بي لوث رويي کي قائم رکجي ته جيئن ڊاڪٽر رضا سومرو نه رڳو اسان جي دلين ۾ زنده رھي، بلڪه شھر ۽ اسپاس جي ڳوٺن جي ماڻھن جي گھرن کي به اباد ڪندو رھي، اڳتي وڌائي، ۽ سندس نالي سان سنڌ ۾ تعليم تائين رسائي جو صرف خواب نه رھي، ان کي حقيقت جو روپ ڏئي سگھجي. ھو ان خراج تحسين جو مستحق آھي ۽ ان طرح ئي سندس ڪردار جي خوشبوء کي، واس کي، ”اچي ولڙين منجھان واس“ جيان جاري رکي سگھون.
اسان جي شھر شاھپور چاڪر جي ھڪ اھم سياسي اڳواڻ ڏاڏا سليمان ڏاھري سندس زندگيءَ جي ٻين پاسن تي لکيو آھي، جن بابت مونکي گھڻي ڄاڻ نه آھي، مان ته بس پنھنجو پاڻ سان، ادا ڊاڪٽر نظير، پوڙھي، حاجي، آپي، پپو، ناني ۽ ماسي پارسا سان تعزيت ڪرڻ لاء ويٺو ھيس.
شاھ سائين جي لفظن ۾ ته
جکرو جس کرو، ٻيا مڙئي مير
مٽي ان خمير، اصل ھئي ايتري.