مڙس جي صلاح عورت کي لک پتي بڻائي ڇڏيو

مڙس جي صلاح عورت کي لک پتي بڻائي ڇڏيو

هيوسٽن (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪي رياست ميري لينڊ جي هڪ عورت اڌ ملين ڊالر جي لاٽري اسڪريچ آف انعام کٽيو آهي، جنهن جو ڪريڊٽ هوءَ پنهنجي مڙس جي تحقيق کي ڏئي ٿي. عورت ميري لينڊ لاٽري جي عملدارن کي ٻڌايو ته هوءَ ۽ سندس مڙس اڪثر شوق ۾ لاٽريون خريد ڪندا آهن. اهو گڏجي مزو ڪرڻ جو هڪ طريقو آهي. هن چيو ته اسان اڳ ۾ 500 ڊالر کٽيا آهن، جيڪو اسان لاءِ تمام گهڻو مزي وارو هو. عورت موجب جون جي آخر ۾ جڏهن شاپنگ ڪري رهي هيس ته مڙس خاص طور تي ‘گفٽ آف گرين’ نالي هڪ اسڪريچ آف ٽڪيٽ خريد ڪرڻ لاءِ چيو. مڙس چيو ته هو ميري لينڊ لاٽري ويب سائيٽ تي مختلف اسڪريچ آف راندين لاءِ باقي جيڪ پاٽس چيڪ ڪري رهيو هو جڏهن هن ڏٺو ته ‘گفٽ آف گرين’ ۾ اڃا ڪجهه وڏا انعام باقي آهن، تنهن ڪري هن اها ٽڪيٽ خريد ڪرڻ جو مشورو ڏنو. عورت جي قسمت سندس طرف هئي ۽ هن ان ٽڪيٽ تي 500,000 ڊالر جو جيڪ پاٽ کٽيو.