مڙس ماري ڇڏيندا، ڪيس تڪڙو ٻڌو: بشريٰ بي بي ٻيهر عدالت پهچي وئي

آڪٽوبر 10, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر درخواست داخل ڪرائي، جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته منهنجي مڙس کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، کيس زهر ڏئي سگهجي ٿو

 هن پي ٽي آءِ چيئرمين جي جيل ۾ سيڪيورٽي جي درخواست جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي اپيل ڪئي

بشريٰ بي بي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته عمران خان کي گهر جو کاڌو فراهم ڪرڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي، خدشو آهي ته کيس زهر ڏنو ويندو

 هوڏانهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران کي اڊيالا جيل ۾ سهولتن جي فراهمي، فيملي، وڪلين ۽ ڊاڪٽرن جي جيل ۾ ملاقات جي اجازت لاءِ داخل انٽراڪورٽ اپيل تي رجسٽرار آفيس جا اعتراض ختم ڪندي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

Leave A Comment