مڙس هٿان طلاق، گهر ۾ ڀائرن جا طعنا، ناري پاران سنڌو ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪوشش

مڙس هٿان طلاق، گهر ۾ ڀائرن جا طعنا، ناري پاران سنڌو ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪوشش

ڄامشورو(رپورٽر) ڪوٽڙي بئراج وٽ سنڌو درياهه ۾ ناري پاران آپگهات جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، قاسم آباد واسڻ ناري سنيلا سومرو ڄامشورو جي تفريحي ماڳ المنظر پل تي پهچي سنڌو درياهه ۾ ٽپو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته اتي موجود ريسڪيو 1122 جي عملدارن ۽ پوليس کيس بچائي ورتو، جنھن کي وڌيڪ پڇا ڳاڇا لاءِ ڄامشورو پوليس حوالي ڪيو ويو. جتي ناري سنيلا سومرو جو چوڻ هو ته گهريلو اڻبڻت سبب انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿي آهيان، مڙس طلاق ڏني، پنهنجي ڀائرن وٽ رهندي هئس ۽ خانگي اسڪول ۾ پڙھائيندي هئس، منهنجي پڙهائڻ واري نوڪري کان روڪيو ويو، گهر ۾ ويهڻ تي طعنا هنيا ويا، امڙ پيرسن آهي، ان جي هٿ وس ڪجهه ناهي، روز روز ڀاڄائي گهٽ وڌ ڳالهائيندي رهي ٿي، ڊپريشن جو شڪار ٿيڻ کانپوءِ مان ننڊ جون گوريون استعمال ڪرڻ شروع ڪيم، پر سڪون نه آيو، ان ڪري مان مرڻ چاهيان ٿي. ٻئي طرف ڄامشورو پوليس ناري جي وارثن سان رابطو ڪري ورتو آهي.