| مڪاني ادارا وفاق حوالي ڪرڻ سان نئون ون يونٽ ٺهندو، سنڌ برداشت نه ڪندي: مقرر |
حيدرآباد(بيورو رپورٽ) يارهون اياز ميلو ڪالهه ٻئي ڏينهن به جاري رهيو. جنهن ۾ مختلف موضوعن تي ويهڪون ٿيون. سنڌ جو شعور ڀٽائي کان اياز تائين جو سيشن ٿيو. جنهن جو ماڊريٽر ڊاڪٽر فياض لطيف هو. ويهڪ ۾ اياز لطيف پليجو ڳالهائيندي چيو ته اسان کي لطيف جي فڪر اک الٽي ڌار واري واٽ وٺي هلڻ گهرجي. هن چيو ته انسان بيقرار نه هجي ها ته ترقي نه ڪري ها. شيخ اياز هڪ درس آهي. شيخ اياز مزاحمتي شاعر به هو. اديب تاج جويو چيو ته لوڪل باڊيز کي وفاق حوالي ڪرڻ سان نئون ون يونٽ قائم ٿيندو، جنھن کي ڪنھن بہ صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، سنڌ ۾ پورهيتن عورتن کي شاهه عبداللطيف ڳايو آهي. مزدورن ۽ پورهيتن کان به ڳايو آهي. شيخ اياز ۽ نارائڻ شام ڀٽائي جي تسلسل کي وڌايو. شيخ اياز جي سنڌ اڄ ڪرپٽ ۽ سوداگر حڪمرانن جي گھيري ۾ آھي. ھن چيو ته شيخ اياز سنڌ جي عالمي طور تي سڃاڻپ، ايندڙ سوين نسلن لاءِ ھڪ سوغات، تحفو ۽ ھڪ دور ۽ ڪيئي دورن جي علامت ۽ علمبردار آھي. ھن چيو ته انتھاپسندي، منشيات ۽ ڌاڙيل راڄ ذريعي سنڌ جي شعور ۽ آواز کي دٻايو ويو آھي. پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم گڏجي ڪراچي ۽ حيدرآباد کي برباد ڪيو آھي. ھن چيو ته آئيني ترميم ذريعي سنڌ، جمھوريت ۽ عدليه کي نشانو بنايو پيو وڃي. سنڌ جي وحدت خلاف ۽ وسيلن تي قبضي جون سازشون بند ڪيون وڃن. . سردارن ۽ وڏيرن ڇوڪرين جي تعليم ۽ روزگار جا دروازا بند ڪري ڇڏيا آھن. پاڪستان امن چاھي ٿو ۽ دنيا جي ماڻھن سان گڏ ھلڻ چاھي ٿو. ترقي جي عمل ۾ پوري دنيا جي شرڪت کانسواءِ نتيجا حاصل ٿيڻ ممڪن ناھي. ھن چيو تہ زرعي منصوبن جي نالي ۾ سنڌ جي زمين ۽ پاڻي تي قبضو بند ڪيو وڃي. سنڌ کي ريگستان بنائڻ ملڪ ۽ 25 ڪروڙ پاڪستانين سان دشمني ھوندي. سنڌ جا ماڻھو علم، امن ۽ ترقي چاھين ٿا، انھن تي ٻيھر نئون تجربو نہ ڪيو وڃي. ھن چيو تہ سنڌ کي ڪرپشن، بيروزگاري ۽ لاقانونيت جي لاءِ فري زون بنايو ويو آھي. ملڪ کي رواداري، برابري ۽ انصاف سان ھلايو وڃي. 27 ھين آئيني ترميم جمھوريت، عدالت ۽ بنيادي انساني حقن جي قاتل آھي. اقتدار خاطر انصاف، عدالت، درياھ، وسيلا، زمين تين وال ڪيا پيا وڃن. ھن ته سنڌ جو عوام سمجهي ٿو تہ وطن، قوم، وسيلا، وحدت وڌيڪ اھم آھي. ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنال سنڌ دشمن منصوبا آھن. سنڌ جا وسيلا لٽي غربت، بيروزگاري، جھالت، انتھاپسندي ۽ ڪارا قانون مسلط ڪيا پيا وڃن. ذات پرستي، ڌاڙيل ڪلچر، انتھاپسندي، قبلائيت سرداري ۽ جاگيرداري نظام سنڌ لاءِ ناسور آھن. سنڌ اسان جو تاريخي وطن آهي، سنڌ پاڪستان جو خالق صوبو آهي. اردو ڳالھائيندڙ اسان جا ڀائر آھن، نفرت جي سياست ڪندڙ ڀائيچاري، اتحاد ۽ رواداري جا دشمن آھن. لوڪل باڊيز کي وفاق حوالي ڪرڻ سان نئون ون يونٽ قائم ٿيندو، جنھن کي ڪنھن بہ صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو