مڪاني ادارن جي مضبوطي، تعليم ۽ آبادي معاملا وفاق حوالي، 28هين ترميم جو اعلان

مڪاني ادارن جي مضبوطي، تعليم ۽ آبادي معاملا وفاق حوالي، 28هين ترميم جو اعلان

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي حڪومت 28هين ترميم آڻڻ جو اعلان ڪندي متحده جي تجويز موجب مڪاني ادارن کي مضبوط ڪرڻ ۽ تعليم ۽ آبادي جي معاملن کي وفاق جي حوالي ڪرڻ جي قانونسازي جو اعلان ڪيو آهي. ڪالهه نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار رانا ثناءُ الله چيو ته هاڻ 28هين تيرميم آندي ويندي. جنهن ۾ مڪاني ادارن کي طاقتور بڻائڻ، تعليم ۽ آبادي جي معاملن کي وفاق جي حوالي ڪرڻ بابت قانونسازي ڪئي ويندي. هن چيو ته 27هين ترميم ضروري هئي جنهن سان عدليا جي آزادي تي ڪو به وار نه ڪيو ويو آهي. پاڻ ان سان عدليا مضبوط ٿي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ سميت سموري مخالف ڌر وٽ 27هين ترميم خلاف ڪو به وڏو اعتراض نه آهي.