| مڪاني نظام مضبوط بڻائڻ جو مقصد نوان صوبا ٺاهڻ ناهي: اسد عمر |
حيدرآباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته مڪاني نظام ذريعي عوام کي وڌ کان وڌ سهولت فراهم ڪرڻ ۽ بلدياتي نظام کي مضبوط بڻائڻ هڪ تجويز آڻڻ چاهيون ٿا جئين مڪاني ادارا وڌيڪ مضبوط ٿي سگهن۔ هن چيو ته مڪاني نظام کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو مقصد صوبن کي بي اختيار ڪرڻ يا نوان صوبا ٺاهڻ نه آهي۔ هن هر سياسي پارٽي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ بلدياتي نظام لاڳو ڪرڻ تي زور ڏيندا آهن پر حڪومت ۾ اچڻ بعد خاموش ٿي ويندا آهن۔بااختيار عوام بهترلوڪل نظام لاء هڪ آئيني ترميم عوام لاء جي عنوان تحت سمينار ڪوٺايل سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ جي ضلعن اندر بجيٽ ورهاست غير منصفاڻي ٿي رهي آهي. هيٺين سطح تي اختيارن جي منتقلي لاءِ هڪ بهتر لوڪل گورنمينٽ سسٽم ضروري آهي.ان موقعي تي ايس يو پي جي صدر سيد زين شاھ چيو ته بلدياتي نظام کي ھميشه استعمال ڪيو ويو آهي بلدياتي نظام ڪنهن به ملڪ ۽ صوبن لاء بهتر آهي پر ان غيرآئيني مقصد حاصل ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ درست ناهن۔ سيد زين شاه وڌيڪ چيو ته اسان به صوبائي خودمختياري ۽ لوڪل گورنمينٽ جي اختيارين جي هٺين سطح منتقلي چاهيون ٿا، پر سنڌ جي وحدايت، وسلين ۽ خودمختياري تي ڪو به ڪمپرو مائيز ڪونه ڪيو ويندو. سنڌ جي پاڻي، معدني وسيلن جي مالڪي ۽ مڪمل اختيار صوبي کي هئڻ گهرجن، اڳوڻي ايم پي اي حسنين مرزا جو چوڻ هو ته لوڪل گورنمينٽ جا اختيار هيٺين سطح تائين ٿيڻ گهرجن، سنڌ سميت چئني صوبن ۾ متحرڪ لوڪل گورنمينٽ نظام لاڳو ناهي ڪيو ويو. نئين صوبائي لوڪل گورنمينٽ قانون م عمل ٿيڻ تائين 11 ڀيرا ترميمون ڪيون ويون. جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته درسي نصاب نظام تبديلي جا اختيار صوبن کي ڏنا وڃن.بهتر لوڪل گورنمينٽ نظام بهتر اسين چاهيون ٿا، پر وسيلن سان معالا مال سنڌ جي ماڻهن کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي، جنهن کي ڪنهن صورت برداشت نه ڪيو ويندو.