| مڪاني چونڊون وقت تي ڪرائڻ لاءِ قانون سازي جي سفارش |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊون وقت تي ڪرائڻ لاءِ قانون سازي جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن سفارش ڪئي آهي ته مڪاني حڪومتن جي مدي جي پڄاڻي يا تحليل جي وقت جيڪو به قانون هجي ان تحت چونڊون ڪرايون وڃن. ترجمان اليڪشن ڪميشن مطابق مڪاني حڪومتون ملڪ جي جمهوري نظام جو اهم ستون آهن، جيڪي مقامي سطح تي عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏ انهن جا مسئلا حل ڪن ٿيون. اليڪشن ڪميشن هن معاملي کي قومي مسئلو سمجهي ٿي. ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن حڪومت کي اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 219 ۾ ترميم لاءِ سفارشون موڪليون آهن. ترجمان مطابق هي سفارشون ان ڪري موڪليون ويون آهن، ڇو ته ڪا به حڪومت بلدياتي چونڊون وقت سر ڪرائڻ نٿي چاهي، بلدياتي چونڊن جو انعقاد وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومتن ۽ اليڪشن ڪميشن جي گڏيل ذميواري آهي.