مڪاني چونڊ: پ پ رهيل 23 مان 20 سيٽون کٽي ورتيون: ڪراچي جو ميئر جوڙو ۽ سکر جو ڊپٽي ميئر سيٽون بچائڻ ۾ ڪامياب
نومبر 6, 2023
ڪراچي(نمائندن وٽان) مڪاني ادارن جي ضمني چونڊ ۾ ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب، ڪراچي ۽ سکر جا ڊپٽي ميئر پنهنجي سيٽ بچائيندي ڪامياب ٿي ويا، سنڌ جي مختلف علائقن ۾ پ پ اميدوارن واضح ڪاميابي حاصل ڪري ورتي، سکر ٽائون ڪاميٽي نثار احمد صديقي جي يونين ڪاميٽي 10بادل فقير جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊ ۾ ڊپٽي ميئر سکر ڊاڪٽر ارشد مغل ۽ ٽائون ڪاميٽي نثار احمد صديقي جو چيئرمين طارق چوهاڻ ڪامياب ٿي ويا، پ پ اميدوار ڊاڪٽر ارشد مغل چيئرمين ۽ طارق چوهاڻ وائيس چيئرمين طور 942 ووٽ کنيا، جڏهن ته جي يو آءِ طرفان چيئرمين جي اميدوار امان الله ۽ وائيس چيئرمين جي خير محمد 204 ووٽ کنيا، ٽرن ائوٽ 22.5 سيڪڙو رهيو، جڏهن ته 29 ووٽ خارج ڄاڻايا ويا، ڪشمور جي يوسي مسوالا جي ضلعي ڪائونسل ميمبر جي سيٽ تي ضمني اليڪشن ۾ پ پ اميدوار محمد رمضان مزاري 1390 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي، جڏهن ته سندس مقابلي ۾ بيٺل ايس يو پي اميدوار الله ڏنو ڪلوڙ 240 ووٽ کڻي سگهيو، شڪارپور جي ڳوٺ شھيد الله بخش سومرو ۾ يونين ڪائونسل 7 وارڊ 3 تي ننڍي چونڊ ۾ ڪائونسلر جي سيٽ ت پ پ اميدوار لطف الله سومرو 635 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته سندس مقابلي ۾ بيٺل جي يو آءِ اميدوار عطا محمد سومرو 390 ووٽ کڻي ھارائي ويو، خيرپور ميونسپل ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 9 تي ٿيل ضمني چونڊ جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجي موجب پ پ اميدوار نعمان رضا وساڻ 905 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته سندس مقابلي ۾ جي ڊي اي اميدوار سيد آصف علي راشدي 77 ووٽ کڻي سگهيو، ٽنڊوالهيار جي ميونسپل ڪاميٽي جي وارڊ نمبر هڪ تي ٿيندڙ اليڪشن ۾ پ پ اميدوار ظفر سينهڙو 2281 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته سندس مخالف آزاد اميدوار صحافي امتياز خاصخيلي 30 ووٽ کڻي سگهيو، ٽنڊوآدم ميونسپل ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 15 جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي پ پ شوقين گروپ جو اميدوار اشرف الدين انصاري 828 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته جي ڊي اي جي غلام مصطفيٰ ساند کي 75 ووٽ مليا، ٽرن آئوٽ 24 سيڪڙو رهيو، گمبٽ ميونسپل ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 6 تي پ پ اميدوار صدام جوکيو 521 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته جي ڊي اي جو اسد الله شيخ 206 ووٽ کڻي سگهيو، 18 ووٽ خارج ٿيا، دوڙ ٽائون ڪاميٽي جي وارڊ 8 تي جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي پ پ اميدوار چوڌري وسيم افضل راجپوت 778 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته تحريڪ لبيڪ جي اميدوار فھيم قادري کي 71 ووٽ، تحريڪ انصاف جي اميدوار ڪاشف علي مغل کي 37 ووٽ مليا، ٺري ميرواهه جي يونين ڪائونسل حسين بخش دستي ۾ ضلعي ڪائونسل ميمبر جي چونڊ ۾ غيرحتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پ پ اميدوار ارشاد علي لغاري 2180 کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته آزاد اميدوار مورند علي شر 1524 ووٽ کڻي سگھيو، فيض گنج تعلقي جي ٽائون ڪاميٽي پڪاچانگ وارڊ نمبر 2 تي پ پ اميدوار ظفر خاصخيلي 1135 ووٽ کڻي ڪاميباي ماڻي، جڏهن ته جي ڊي اي اميدوار وحيد علي چانگ 900 ووٽ کنيا، جماعت اسلامي اميدوار عبدالعليم آرائين 82 ووٽ کڻي سگهيو، قادرپور يو سي جي وارڊ 2 تي جنرل ڪائونسلر سيٽ تي پ پ اميدوار بشير احمد ڀٽو 496 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته جي يو آءِ اميدوار برڪت الله ڀٽو 412 ووٽ کڻي هارائي ويو، ڀان سيدآباد ٽائون ڪاميٽي جي وارڊ 2 تي ضمني چونڊ ۾ پ پ اميدوار ولي محمد عرف ڏاڏو سولنگي 306 ووٽ کڻي سوڀارو ٿي ويو، ايس يو پي اميدوار علي اصغر سولنگي 111 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو، جڏهن ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو اميدوار محمد ايوب ملاح 29 ووٽ کڻي سگهيو
ڪراچي/ملير : ڪراچي ۾ ننڍي مڪاني چونڊ ۾ پيپلز پارٽي ميدان ماري ورتو، پيپلز پارٽي 7 سيٽون، پي ٽي آءِ ھڪ ۽ جماعت اسلامي 2 سيٽون کڻڻ ۾ ڪامياب، جيالن جو جشن، جيئي ڀٽو جا نعرا، ان ڏس ۾ ڪراچي جي پنجن ضلعن ۾ ننڍي چونڊ جا غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا پڌرا ٿي ويا، پ پ سان لاڳاپيل ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وھاب ڏکڻ ضلعي جي يوسي 13 گذري تان 3976 ووٽ کڻي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي، جڏهن ته جماعت اسلامي جي اميدوار نور السلام کي 1566 ووٽ مليا، مرتضيٰ وهاب جي ڪاميابي جي اعلان شرط گذري پهتل هزارين جيالن جهمريون هڻي خوش جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي بئريسٽر مرتضيٰ وھاب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته تم ڪتني ڀٽو ماروگي وارو نعرو اڄ سچ ثابت ٿيو آهي، آئون پنھنجن ڀينرن ۽ مائرن جو شڪر گذار آھيان، جن مون کي ڪامياب ڪيو، اڄوڪي اليڪشن صرف ٽريلر آھي، اصل ڪم ته عام اليڪشن ۾ بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻائڻ آھي، هن چيو ته ھاڻي ڪراچي ۾ وڌيڪ ڪم ٿيندا ۽ روشنيون بحال ٿينديون، هوڏانهن ڪياماڙي جي يوسي 3 ماڙيپور تي پيپلز پارٽي جو اميدوار سيف الله 5466 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏھن ته جماعت اسلامي جي اميدوار محمد حسين کي 788 ووٽ مليا، ٻئي طرف ملير جي يوسي 7 مراد ميمڻ تان يوسي چيئرمين لاءِ پ پ اميدوار ۽ ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد 9932 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته جماعت اسلامي جي اميدوار محمد ايوب خاصخيلي 1408 ووٽ حاصل ڪيا، پ پ اميدوار سلمان مراد جي شاندارڪاميابي تي يوسي مراد ميمڻ ۾ جشن ملهايو ويو، پولنگ اسٽيشنن ٻاهران قائم ڪيل ڪئمپن تي جيالن خوشي وچان جهمريون هڻي هڪٻئي کي مٺائي کارائي مبارڪون ڏنيون. ان موقعي تي سلمان عبدالله مراد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملير پيپلزپارٽي جو قلعو آهي جنهن کي ڪير به فتح نٿو ڪري سگهي، آئون يوسي مراد ميمڻ جي عوام جو شڪر گذار آهيان جن مون تي هڪ ڀيرو ٻيهر اعتماد ڪندي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو آهي، آئون پنهنجي ڪاميابي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو جي نالي ڪيان ٿو. هوڏانهن ملير جي يوسي گڏاپ وارڊ 4 تي جنرل ڪائونسلر جي چونڊن ۾ پ پ اميدوار نور عالم جوکيو 1596 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته سندس مقابلي ۾ بيٺل جماعت اسلامي جي اميدوار الله بچايو گبول 1348 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو