مڪاني کاتي جو ڪمال: سنڌ جون 2 ڊويزنون 19 گريڊ جي ڪاموري حوالي

مڪاني کاتي جو ڪمال: سنڌ جون 2 ڊويزنون 19 گريڊ جي ڪاموري حوالي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مڪاني کاتي جي اختيارين جو ڪمال، ايڊيشنل ڊائريڪٽرن جي بدلين دوران 19هين گريڊ جي آفيسر کي 20هين گريڊ جا 2 اهم عهدا سونپڻ جو  نڪشاف  ان حوالي سان ٽنڊوالهيار جي 19هين گريڊ جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر نور الدين ميمڻ کي بدلي ڪري کيس 20هين گريڊ شهيد بينظيرآباد جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته کيس ميرپورخاص جي ڊائريڪٽر جي اضافي ذميواري به سونپي وئي آهي. عمرڪوٽ جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر الله بچايو لاکو کي بدلي ڪري دادو ۾ مقرر ڪيو ويو، دادو مان ايڊيشنل ڊائريڪٽر فاروق بلوچ کي بدلي ڪري کيس ٽنڊوالهيار ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر طور مقرر ڪيو ويو . جيڪب آباد جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڪامران حسن کي بدلي ڪري کيس ملير ۾ مقرر ڪيو ويو . جڏهن ته نديم عالم کي ايڊيشنل ڊائريڪٽر عمرڪوٽ مقرر ڪيو ويو