مڪاني کاتي جي اڻ ڄاڻائي: فوتي ۽ رٽائرڊ ملازم يوسي سيڪريٽري مقرر

جُولاءِ 12, 2023

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي مڪاني کاتي جي اڻڄاڻائي، ايڊمنسٽريٽو آفيسر فوتي ۽ رٽائرڊ ملازم يوسي سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيا

بِنا اجازت 60 کان وڌيڪ يوسي سيڪريٽري مقررڪرڻ تان هٽايل  ايڊمنسٽريٽو آفيسر خلاف وڌيڪ ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ کيس هڪ ئي ڏينهن اندر ضلعي ڪائونسل ڪراچي ۾ اهم عهدي تي مقرر ڪيو ويو

هي به پڙهندا

 ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي ايڊمنسٽريٽو آفيسر جھامن داس پرڳڻي ۾ 60 کان وڌيڪ يوسي سيڪريٽرين جي مقررين دوران فوتي ملازم نجم الدين شر کي سانگھڙ جي هڪ يوسي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو

 رٽائرڊ ملازم غلام عباس هنڱورو کي وري ساڳئي ضلعي جي هڪ يونين ڪائونسل ۾ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو

 اهڙو اسڪينڊل ظاهر ٿيڻ بعد هٽايل ايڊمنسٽريٽو آفيسر جھامن داس کي 24 ڪلاڪن اندر ڪراچي ضلعي ڪائونسل ۾ اهم عهدي تي مقرر  ڪيو ويو آهي

 ان حوالي سان ڊائريڪٽر ون پاران ايڊمنسٽريٽو آفيسر کي بحال ڪري کيس ڪراچي ضلعي ڪائونسل ۾ مقرري جو آرڊر به جاري ڪري ڇڏيو آهي

Leave A Comment