مڪاني کاتي جي ڪامورن جي اختيارن ۾واڌ  

مڪاني کاتي جي ڪامورن جي اختيارن ۾واڌ  

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مڪاني کاتي جي جي سمورن آفيسرن، فيلڊ آفيسرن ۽ لوڪل ڪائونسلن جي عملدارن جي اختيارن جي مٽا سٽا ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب  ضلعن جي ڊپٽي ڊائريڪٽرن کي ايڊيشنل ڊائريڪٽرن سان گڏجي ضلعي آفيس جا انتظامي معاملا سنڀالڻ، پي اي سي، ڪورٽ ڪيسن ۽ مقامي ڪائونسلن جي انسپيڪشن ۽ رپورٽ تيار ڪرڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي. ضلعي ڪائونسلن، ميونسپل توڙي ٽائون ڪاميٽين ۽ يوسي/يوسيز جي نگراني جي ذميواري به ڊپٽي ڊائريڪٽرن حوالي ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح  قانوني ڪيسن جي پيروي، ٽي اي ۽  ڊي اي، انسپيڪشن، ۽ رپورٽنگ تي نظر رکڻ ۽ کاتي جي پاليسين تي عمل ڪرائڻ واري ذميواري وري لاڳاپيل ايڊيشنل ڊائريڪٽرن حوالي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ڊويزنل سطح تي مقرر ريجنل آفيسرن کي  اسٽاف جي اسڪروٽني ۽ 5 کان 16 گريڊ جي ڀرتين جا ڪيس چڪاسڻ جي ذميواري سونپي وئي آهي. مڪاني ڪائونسلن جا چيئرمين  مڪاني کاتي سان رابطي ۾ رهندا، اهي ايڊيشنل ڊائريڪٽرن معرفت شڪايتون ۽ رپورٽون مٿي موڪليندا.