مڪاني کاتي حيدرآباد جو  ڊائريڪٽر گهر ڀيڙو: جاچ جو حڪم

مڪاني کاتي حيدرآباد جو  ڊائريڪٽر گهر ڀيڙو: جاچ جو حڪم

ڪراچي(رپورٽ: شاھد ميراڻي) مڪاني کاتي جي 15 اڪائونٽس ڪلارڪن جو ڪيڊر بدلائيندڙ ۽ يوسي سيڪريٽرين کي شوڪاز ڏيندڙ حيدرآباد جو ڊائريڪٽر گهر ڀيڙو: انڪوائري شروع، ان ڏس ۾ مڪاني کاتي ۾ حيدرآباد واري ڊائريڪٽر جا ڪارناما سامھون اچي ويا آھن، 15 اڪائونٽس ڪلارڪن جو ڪيڊر تبديل ڪرڻ ۽ اختيار اورانگھي يوسي سيڪريٽرين  کي شوڪاز جاري ڪرڻ جو وڏي وزير  مراد شاهه نوٽيس وٺندي  حيدرآباد جي دائريڪٽر عبيد الله صديقي کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٻئي طرف چيف سيڪريٽري مڪاني کاتي جي سيڪريٽري جا اختيار ريجنل ڊائريڪٽر پاران استعمال ڪرڻ تي بورڊ آف روينيو جي سينئر ميمبر خالد حيدر شاھه کي جاچ جو حڪم ڏيندي 15 ڏينهن ۾ جاچ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏھن ته ريجنل ڊائريڪٽر عبيد الله صديقي سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ بورڊ جا اختيار استعمال ڪندي يوسي سيڪريٽرين کي به شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا هئا، واضح رھي ته عبيد الله صديقي ڪجهه  سال اڳ 15 اڪائونٽس ڪلارڪن جو ڪيڊر تبديل ڪري کين جونيئر ڪلارڪ بڻائي ڇڏيو هو.