مڪاني کاتي پاران261 آفيسرن جي سينارٽي لسٽ جاري: بنا ٽريننگ ڪيل 8 ڪامورا به شامل

مڪاني کاتي پاران261 آفيسرن جي سينارٽي لسٽ جاري: بنا ٽريننگ ڪيل 8 ڪامورا به شامل

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) مڪاني کاتي پاران 17هين گريڊ جي 261 ايس سي يو  آفيسرن جي سينارٽي لسٽ جاري، لوڪل گورنمينٽ بورڊ اختيارين پاران 8 ڪامورن جانالا کاتيوار ٽريننگ مڪمل نه هجڻ باوجود مٿين نمبرن تي شامل ڪرڻ جو انڪشاف، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي اختيارين پاران  17هين گريڊ جي 261 آفيسرن جي جاري ڪيل سينارٽي لسٽ ۾ رولز جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي، سينارٽي لسٽ ۾ 8 آفيسرن جا نالا رولز جي ابتڙ مٿين نمبرن تي شامل ڪيا ويا آهن، جاري ڪيل سينارٽي لسٽ تحت عبدالحميد سهاڳ جو نالو سينارٽي لسٽ ۾ 11، شاھه محمد نوناري جو 12، علي رضا کيڙو جو 14، اصغر ميراڻي جو 16، نورالله ابڙو جو 20،  سجاد منگي جو 27، آغا فهد خان جو 29 ۽ ستار سولنگي جو نالو 41 هين نمبر تي شامل ڪيو ويو آهي. ڄاڻ موجب رولز تحت لوڪل گورنمينٽ ۾ ڀرتي ٿيندڙ آفيسرن ۽ عملدارن لاءِ ڀرتي بعد ڊپارٽمينٽل ٽريننگ لازمي قرار ڏنل آهي، سِڌي ريت 17هين گريڊ ۾ ڀرتي ٿيل ڄاڻايل 8 آفيسرن ڊپارٽمينٽل ٽريننگ ناهي ڪئي، انهي باوجود سندن نالا سينارٽي لسٽ ۾ شامل ڪري کين 18هين گريڊ ۾ ترقيون ملڻ واري ڊوڙ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.