| مڪا دفاعي معاهدي تي اسرائيل کي ڦڦڙي لڳي وئي |
تل ابيب (م ڊ) اسرائيلي حڪومت پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي جي دفاعي معاهدي تي پريشان آهي. اسرائيلي مهاجر معاملن جي وزير چيو ته مڪا معاهدو هڪ تمام خطرناڪ ۽ پريشان ڪندڙ پيش رفت آهي، هي معاهدو اسرائيل لاءِ تمام سنگين نتيجا آڻي سگهي ٿو. اسرائيلي وزير چيو ته پاڪستان جو سعودي عرب سان اڳ ۾ ئي هڪ دفاعي معاهدو آهي، هاڻي ترڪي به ان ۾ شامل ٿي چڪو آهي، جنهن سان اسان جا سڌا سنوان اختلاف آهن.