مڪا معاهدي ۾ نوان ميمبر آڻڻ، فوجي سهڪار وڌائڻ جو اعلان، سربراهي پاڪستان حوالي

مڪا معاهدي ۾ نوان ميمبر آڻڻ، فوجي سهڪار وڌائڻ جو اعلان، سربراهي پاڪستان حوالي

اسلام آباد/استنبول (م ڊ) ترڪي جي شهر استنبول ۾ پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي، دفاعي وزيرن ۽ هٿياربند فوجن جي سربراهن مڪه ڊفينس معاهدي تحت قائم اسٽريٽجڪ سياسي ۽ دفاعي ڪميٽي جي پهرئين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل گڏيل پڌرنامي ۾ ٽنهي ملڪن خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ مڪي معاهدي جي فريم ورڪ تحت گڏجي ڪم جاري رکڻ جو عزم ورجايو. جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب بحرانن جي پرامن حل جي حوصلا افزائي لاءِ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ صبر کي هٿي ڏيڻ جي حمايت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ٽنهي ملڪن معاهدي تحت پنهنجي سهڪار کي وڌيڪ ادارتي شڪل ڏيڻ لاءِ قدمن تي پڻ اتفاق ڪيو. پڌرنامي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ان قدم جو مقصد گڏيل ايڪي کي مضبوط، دفاعي صلاحيت کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ ۽ علائقائي امن جي ڪوششن ۾ ڪردار ادا ڪرڻ آهي. ان مقصد لاءِ سعودي عرب ۾ مستقل سيڪريٽريٽ قائم ڪيو ويندو، جنهن جي سربراهي سيڪريٽري جنرل ڪندو. پڌرنامي موجب، شروعاتي ٽن سالن لاءِ سيڪريٽري جنرل جو عهدو پاڪستان وٽ هوندو. گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٽئي ملڪ دفاعي صنعت ۾ سهڪار، گڏيل ٽيڪنالاجي جي تياري ۽ پيداوار ۽ گڏيل سرگرمين ذريعي پنهنجي دفاعي صلاحيتن ۽ هٿياربند فوجن وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪندا. پڌرنامي موجب، مڪي دفاعي معاهدي تي اثرائتي ۽ منظم نموني عملدرآمد ذريعي پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪندا. اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ترڪي جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان چيو ته اجلاس جو مقصد علائقائي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ آهي. اجلاس ۾ ادارن جي تعمير لاءِ مختلف قدمن تي بحث ڪيو ويو، ۽ اجلاس ۾ ڪيل فيصلا ڪارآمد ثابت ٿيندا. ترڪي جي پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب جو اتحاد بين الاقوامي قانون تي ٻڌل آهي، اسان جو اتحاد ڪنهن مخصوص رياست جي خلاف ناهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان اتحاد جي جوڙجڪ قائم ڪرڻ شروع ڪئي آهي ۽ ادارن جي تعمير لاءِ مختلف قدمن تي بحث ڪيو ويو. هاڪان فيدان چيو ته معاهدي ۾ وڌيڪ ملڪن کي شامل ڪرڻ لاءِ روڊ ميپ تيار ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي. ترڪي جي پرڏيهي وزير چيو ته ٽه طرفي معاهدي کي ‘مڪا دفاعي اتحاد’ سڏيو ويندو ۽ هن اتحاد جو پهريون سيڪريٽري جنرل پاڪستان مان هوندو. اجلاس جي ايجنڊا ۾ وڌندڙ علائقائي ۽ عالمي تڪرارن جي تناظر ۾ گڏيل ذميواري جو تعين ڪرڻ ۽ عالمي ۽ علائقائي سيڪيورٽي مسئلن تي غور ڪرڻ ۽ ٽنهي ملڪن جي دفاعي صلاحيتن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ شامل هوندو. اجلاس کان اڳ ترڪي جي بچاءِ واري وزير يشار گولر پنهنجي پاڪستاني هم منصب خواجا آصف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز (سي ڊي ايف) فيلڊ مارشل عاصم منير سان ملاقاتون ڪيون. خواجا آصف ۽ ترڪي جي قيادت ملاقاتن دوران گڏيل دفاعي سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.