| مڪلي ويجهو ٽرڪ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، 2 نوجوان فوت |
ٺٽو (رپورٽر) مڪلي ويجهو ٺٽو ڪراچي قومي شاھراهه تي ڊي آءِ ھوٽل سامھون ڪاٺ سان ڀريل ٽرڪ جي موٽر سائيڪل سان ٿيل زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ شاہ لطيف ڪالوني مڪلي واسي موٽر سائيڪل سوار 2 ڄڻا مزمل پٽ منظور شيخ ۽ عبدالاحد پٽ عدنان شاہ موقعي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا ، واقعي جي اطلاع ملڻ تي مڪلي پوليس پھچي 1122 جي ايمبولينس ذريعي فوت ٿي ويل ٻنھي نوجوانن جي لاشن کي سول اسپتال ٺٽو مڪلي منتقل ڪيو، ٻئي پاسي حادثي جي اطلاع ملڻ تي پڻ فوتين نوجوانن جي گهرن ۾ ڪھرام مچي ويو آھي. ھوڏانھن حادثي واري ھنڌ تان پڻ ٽرڪ ڊرائيور رات جو فائدو وٺي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آھي مڪلي پوليس حادثي ڪندڙ ڪاٺ سان ڀريل ٽرڪ کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي فرار ٿي ويل ڊرائيور جي پڻ ڳولا شروع ڪري ڇڏي آھي .