| مڪلي ويجھو مبينا پوليس مقابلو، هڪ ڄڻو مارجي ويو |
ٺٽو (رپورٽر) مڪلي ويجھو غلامﷲ روڊ تي مبينا پوليس مقابلي ۾ ھڪ ڄڻو مارجي ويو، 3 ڄڻا فرار ٿي ويا. ان ڏس ۾ ٺٽي جي ايس ايس پي فاروق احمد بجاراڻي جي ترجمان جي جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻائيندي چيو ويو آھي تہ مڪلي ويجھو مڪلي پوليس جو غلام ﷲ ويجھو لنڪ روڊ تي ٿيل مقابلي ۾ ھڪ ڏوھاري مارجي ويو جڏھن تہ 3 ڏوھاري فرار ٿي ويا، پوليس موجب مارجي ڦورو جي عمران عرف اجي جي نالي طور سڃاڻپ ٿي آھي، پوليس موجب پوليس موقعي تي پھچي مارجي ويل وٽان ھڪ پسٽل، گوليون ۽ ھڪ ڪار پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏي آھي جڏھن تہ لاش کي ضروري ڪاروائي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي ۽ سندس فرار ٿي ويل 3 ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا ھنيا پيا وڃن.