مڪلي ۾ شاگردياڻين تي فائرنگ جو ڪيس 3 ڄڻن خلاف داخل

مڪلي ۾ شاگردياڻين تي فائرنگ جو ڪيس 3 ڄڻن خلاف داخل

ٺٽو (رپورٽر) مڪلي جي نجي اسڪول جي پڪنڪ تان موٽندڙ شاگردياڻين کي حراسان ڪري فائرنگ ڪرڻ جو ڪيس شاگردياڻين جي والدين پاران مڪلي ٿاڻي تي 3 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو آھي، ان ڏس گذريل رات مڪلي جي ھڪ نجي اسڪول مڪلي جون شاگردياڻيون اسڪولي پڪنڪ تان واپسي بعد اسڪول کان پنهنجي والدين سان گڏ گهرن ڏانهن وڃي رهيون هيون ته مڪلي ۾ موٽر سائيڪلن تي سوار ٽن ڄڻن سندن پيڇو ڪري کين حراسان ڪري ڇيڙڇاڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انھن جي سي سي ٽي وي فوٽيجز جي وائرل ٿيڻ بعد شاگردياڻين جي والدين پاران فريادي عظيم ڪاڪا ميمڻ جي فرياد تي ٿاڻي تي سجاد ھالو ۽ بِهار علي هالو سميت ٽن جوابدارن خلاف قلم 364 اي، 511 ۽ 337 ايچ ٽُو پي پي سي تحت مڪلي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، جڏھن ته داخل ڪيل ڪيس جي متن ۾ فريادي پاران پنھنجي موقف ۾ ڄاڻائيندي چيو ويو آھي ته پنهنجي نياڻين کي اسڪولي پڪنڪ پروگرام مان واپس گذريل رات ساڍي ٻارهين وڳي وٺي پنهنجي گهرن ڏانهن وڃي رهيا هئاسون ته نوجوانن اسانجي نياڻين جو پيڇو ڪيو ۽ مزاحمت ڪرڻ تي فائرنگ ڪري مٿن فائرنگ ڪري خوف پکيڙي  ڌمڪيون ڏيڻ بعد جوابدا فرار ٿي ويا، جڏھن ته خبر جي فائيل ٿيڻ تائين مڪلي پوليس پاران گهربل 3 جوابدران مان ھڪ جوابدار بھار علي ھالو کي گرفتار ڪيو ويو ھيو جڏھن ته وڌيڪ ٻن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پڻ پوليس چاپن ھڻڻ جو سلسلو جاري ھو.