مڪيش چاولا، حسن علي شريف ۽ وحيد شيخ جو گھيرو تنگ: سنڌ اسيمبلي مان به رڪارڊ طلب
آڪٽوبر 27, 2023
ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) نيب اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا، سندس فرنٽ مين حسن علي شريف ۽ ايڪسائيز کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر وحيد شيخ جو گھيرو تنگ ڪري ورتو
نيب جي جاچ آفيسر طرفان سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري کي ريڪارڊ لاءِ نوٽيس اماڻيو ويو، نوٽيس 6 آڪٽوبر تي اماڻيو ويو ۽ 12 آڪٽوبر تي رڪارڊ جمع ڪرائڻ لاءِ چيو ويو
نوٽيس بعد نيب کي رڪارڊ جمع ڪرايو ويو يا نه؟ انهي جي تصديق لاءِ “پنهنجي اخبار” طرفان سيڪريٽري اسيمبلي سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر ساڻس رابطو نه ٿي سگھيو. نيب جي نوٽيس ۾ پڇيو ويو آهي ته مڪيش ڪمار چاولا گھڻا دفعا ايم پي اي ٿيو؟ کيس ڪهڙن کاتن جو وزارتون مليون؟ مڪيش ڪمار چاولا جي پگھارن ۽ ٻين مراعتن جو رڪارڊ ڏنو وڃي، مڪيش ڪمار چاولا پنهنجا ڪيترا اثاثا ڊڪليئر ڪيا؟ انهي جو رڪارڊ ڏنو وڃي
نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو ته مڪيش ڪمار جي فرنٽ مين حسن علي شريف کي چونڊيل حڪومتن يا نگران سيٽ اپ ۾ ڪا وزارت ملي يا نه؟ انهي بابت ٻڌايو وڃي، اوهان (سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي) سپرنٽينڊنٽ عبدالسلام کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو پر اهو وقت ضايع ڪري رهيو آهي، ڪنهن ڊپٽي سيڪريٽري کي فوڪل پرسن مقرر ڪري گهربل رڪارڊ ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ نيب آرڊيننس وارنٽ جاري ڪيا ويندا. نيب اختيارين موجب مڪيش ڪمار جي فرنٽ مين حسن علي شريف ۽ ايڪسائيز کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر وحيد شيخ ۽ ٻين خلاف نيب جاچ ڪري رهيو آهي، جوابدارن تي اختيارن جي ناجائز استعمال، ڪرپشن ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام آهي