جده (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مڪي شريف ۾ هوٽل کي خوفناڪ باهه لڳي وئي، عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ ويل 8 پاڪستاني شهري فوت ٿي ويا
پاڪستان قونصل ويلفيئر موجب باهه ابراهيم خليل روڊ تي واقع هڪ هوٽل ۾ لڳي جنهن جي نتيجي ۾ 8 پاڪستاني به سڙي فوت ٿي ويا جن مان ٻن جو تعلق وهاڙي ۽ ٻن جو تعلق قصور سان آهي جڏهن ته 6 پاڪستاني زخمي پڻ ٿيا آهن
پرڏيهي کاتي موجب جده ۾ اسان جا عملدار متاثرن ۽ سندن وارثن سان رابطي ۾ آهن حڪومت سندن هر ممڪن مدد ڪندي جڏهن ته سندن مڙهه پاڪستان آڻڻ لاءِ پڻ انتظام ڪندي
ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ۽ ٻين واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، وزيراعظم پاڪستاني قونصل خاني کي هدايت ڪئي آهي ته متاثرن جي مدد ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪئي وڃي