نئون آءِ جي سنڌ پوليس جو ڊراڪولائي ڪردار تبديل ڪرائي سگھندو؟

سنڌ پوليس جي آءِ جي غلام نبي ميمڻ جي رٽائرمينٽ کان پوءِ نئين آءِ جي جي مقرريءَ لاءِ سنڌ سرڪار جاويد عالم اوڍي جي نالي جي سفارش ڪئي هئي، جنهن جي وفاقي حڪومت منظوري ڏيندي کيس سنڌ جي آءِ جي واري منصب تي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. نئين آءِ جي ڪالهه نئين سال جي شروعات کان پنهنجي نئين منصب جون ذميواريون سنڀالي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، پر سوال اهو آهي ته پوليس جو عوام آزاريندڙ ۽ “ڪرائيم فرينڊلي” ڪردار بدلائڻ جي ڪوشش ڪندو يا وري اهو ئي “اسٽيٽس ڪو” برقرار رکڻ ۾ پنهنجو حصو ملائيندو؟

سنڌ پوليس جو نالو ٻڌندي ئي دل ۾ خوف ۽ ڪاوڙ اڀري ٿي اچي. هي ادارو، جيڪو عوام جي حفاظت لاءِ قائم ٿيو هو، ھاڻي ڏوھارين جي روح جي راحت ۽ امن پسند ماڻهن لاءِ خوف ۽ ڏھڪاءَ جي علامت بڻجي چڪو آهي. ڄڻ ته ھن اداري جي اهلڪارن کي ماڻھو مارڻ جو لائسنس مليل ھجي! لاڙڪاڻي ۾ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ سرعام گوليون هڻي قتل ڪرڻ ـ هيءَ ڪا نئين ڳالهه ناهي، پر سنڌ پوليس جي روزمره جي وحشي پڻي جو هڪ ٻيو باب آهي. گرفتار جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ بدران، سرعام گولين جو نشانو بڻائڻ، هيءَ ڪهڙي قانون جي حڪمراني آهي؟ اهو سنڌ پوليس جي وحشي سوچ، ذهني ڏيوالپڻي ۽ قانون جي اورانگھ جو کليل ثبوت آهي. سوال اهو ناهي ته جوابدار ڏوهاري هو يا نه، سوال اهو آهي ته پوليس کي ڪھڙي عدالت، ڪھڙي قانون ۽ آئين هيٺ اهو حق ڏنو ويو ته اھا پاڻ جج، جيوري ۽ جلاد بڻجي وڃي؟ نئين آءِ جي جي “مسند نشينيءَ” جي پهرئين ئي ڏينهن تي ٺٽي جي ڊسٽرڪٽ جيل ۾ هڪ قيدي جي مبينا پوليس تشدد ۾ مارجي وڃڻ جون خبرون آهن. (اهڙي ‘ذميواري’ ضلعي پوليس ۽ جيل خاناجات جي وچ ۾ فوٽبال بڻجندي رهي ٿي.)

سنڌ پوليس اڄ امن جي محافظ نه رهي آهي، پر پاڻ ئي دهشت، خوف ۽ لاقانونيت جي علامت بڻجي چڪي آهي. جنهن اداري جو ڪم قانون لاڳو ڪرڻ، شهريءَ جي جان ۽ عزت جي حفاظت ڪرڻ هو، اهو ادارو هاڻي ڊراڪولائي روپ اختيار ڪري چڪو آهي. سنڌ ۾ برادرين جي وچ ۾ تڪرار ۽ خوني جهيڙن جي پويان به سنڌ پوليس جي نااهلي ۽ ڪرپشن جو وڏو هٿ آهي. پوليس جي بي پرواهي، ڪرپشن عالم آشڪار آهي. ثبوت موجود آهن ته اغوا جي ڪيسن ۾ به پوليس جا آفيسر ملوث آهن. سنڌ ۾ اغوا هڪ منظم ڪاروبار بڻجي چڪو آهي، ۽ افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ان ڪاروبار ۾ پوليس جون ڪاريون رڍون به شامل آهن. ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ثبوت سامهون آيا آهن ته پوليس آفيسر يا ته اغواڪارن کي تحفظ ڏين ٿا، يا سڌي ريت ان نيٽ ورڪ جو حصو آهن. ڪچي جا ڌاڙيل ڪنهن افسانوي دنيا جا ڪردار نه آهن؛ اهي هٿيارن، گاڏين ۽ معلومات سميت پوليس جي ڇانوَ هيٺ پلجن ٿا. اهڙي پوليس کان انصاف، ايمانداري ۽ قانون جي اميد رکڻ پاڻ سان مذاق ڪرڻ برابر آهي. هونئن به ڌاڙيلن سان پوليس جا لاڳاپا ايترا ته کليل ۽ پڌرا آهن جو هڪ ايس ايڇ او جي پٽ جي شاديءَ ۾ ڌاڙيل شريڪ ٿيا، ۽ انھن جي وڊيو وائرل ٿي وئي! هيءَ ڪيڏي نه شرمناڪ ڳالهه آهي! ان حقيقت کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته پوليس آفيسرن جون مقرريون ڀوتارن سردارن جي فرمائشن تي ٿين ٿيون. اھڙا پوليس آفيسر قانون تي عمل ڪرڻ بدران انھن ڀوتارن ۽ سردارن جي ايجنڊا تي عمل ڪن ٿا.

ڀلا ان ڳالهه کان نئون آءِ جي پوليس ڪيئن ٿو اڻڄاڻ ٿي سگھي ته سنڌ پوليس اڄ قبيلائي سردارن جي “پرائيويٽ فورس” بڻجي چڪي آهي، جيڪا انهن جي ذاتي مفادن لاءِ ڪم ڪري ٿي، عوام لاءِ نه. نئون آءِ جي سنڌ پوليس، ڀلا پوليس جي ان ڪردار جي تبديلي لاءِ ڪي سنجيده ڪوششون وٺندو؟ جڙتو پوليس مقابلن کي ختم ڪرائي سگھندو؟ پوليس آفيسرن جي مقررين جو معيار ميرٽ کي بڻائي سگھندو؟ ڏوھن جي سرپرستي ڪندڙ اشرافيا کي ناڪيلي وجھي سگھندو؟ هُشيءَ ۽ ھٿيارن سان خوني تڪرارن جي باھ ڀڙڪائڻ ۾ ملوث ڀوتارن کي قانون جي گرفت ۾ آڻڻ ۽ جھيڙيندڙ برادرين کي ھٿيار ڪرڻ جو ڪم ڪري سگھندو؟ نئين آءِ جي لاءِ پريا ڪماريءَ جي بازيابي به ھڪ ٽيسٽ ڪيس ھوندو. هيءَ معصوم ڇوڪري، جيڪا سالن کان لاپتا آهي، هن جي بازيابي سنڌ پوليس جي صلاحيت جو امتحان آهي. هاڻي سوال اهو آهي ته نئون آءِ جي سنڌ آخر ڇا ڪندو؟ ڇا هو به روايتي بيانن، ڪميٽين ۽ فائيلن جي راند ۾ وقت ضايع ڪندو، يا واقعي سنڌ پوليس جي هن ڊراڪولائي ڪردار کي دفن ڪرڻ جي همت ڪندو؟