نئون آءِ جي 15 ڏينهن کان مقرر ڇو ناهي ٿيو ؟ سنڌ ۽ وفاقي سرڪار ۾ اختلاف سامهون اچي ويا: احتجاج

مارچ 20, 2024

ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ ۽ وفاقي سرڪار ۾ تڪراري ارسا چيئرمين جي مقرري کانپوءِ  15 ڏينهن کان نئون  آءِ جي سنڌ مقرر نه ڪرڻ تان اختلاف سامهون اچي ويا،آءِ جي پاران موڪليل سمري تي عمل نه ٿيڻ تي احتجاج ڪيو ويو

 ان ڏس ۾ گھرو معاملن واري صوبائي وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو آهي ته وفاقي حڪومت اسان جي اتحادي آهي، سنڌ حڪومت 4 مارچ تي نئين آءِ جي جي مقرري لاءِ 3 سينيئر پوليس آفيسرن جي نالن تي مشتمل سمري وفاقي حڪومت کي موڪلي هئي، اسان کي اميد هئي ته انهي تي ترت عمل ٿي ويندو، 20 مارچ تائين نئين آءِ جي جي مقرري نه ٿي سگھي آهي

 هن چيو ته وفاقي حڪومت طرفان نئون آءِ جي مقرر ڪرڻ ۾ غيرضروري دير سبب امن امان جي ڪوششن کي نقصان ٿي رهيو آهي

 سندس چوڻ هو ته امن امان جي صورتحال خراب آهي، جنهن کي بهتر ڪرڻ لاءِ فوري انتظامي فيصلن جي ضرورت آهي، سمري ۾ غلام نبي ميمڻ ۽ جاويد عالم اوڍو سميت 3 نالا هئا، آءِ جي سنڌ جي مقرري ۾ دير اتحادي معاهدي جي خلاف ورزي آهي

ٻئي طرف حڪومتي ذريعن ٻڌايو ته   نئين آءِ جي سنڌ جي مقرري واري معاملي تي سنڌ حڪومت اندر اتفاق ٿيو ته صوبائي سرڪار جا وري وفاق سان اختلاف ٿي ويا

ذريعن موجب سنڌ سرڪار نئين آءِ جي سنڌ جي مقرري لاءِ وفاق کي سمري اماڻي هئي پر ڪابينا ٺهڻ بعد حڪومت جي هڪ حلقي غلام نبي ميمڻ جي نالي تي اعتراض ڪيو هو، هاڻي جڏهن وڏي وزير ۽ حڪومتي حلقي ۾ آءِ جي سنڌ جي مقرري واري معاملي تي اتفاق ٿيو ته وفاق طرفان نئين آءِ جي جي مقرري نه ڪئي وئي

ذريعن موجب آءِ جي سنڌ لاءِ غلام نبي ميمڻ ۽ جاويد عالم اوڍو مضبوط اميدوار ٻڌايا پيا وڃن، شروعات ۾ فرحت جوڻيجو جو نالو به گردش ۾ هو پر انهي کي اينٽي ڪرپشن کاتي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي

Leave A Comment