نئون آباد: ڀاڻ سبسڊي لاءِ رشوت اوڳاڙي: احتجاج: فيلڊ اسسٽنٽ معطل

نئون آباد: ڀاڻ سبسڊي لاءِ رشوت اوڳاڙي: احتجاج: فيلڊ اسسٽنٽ معطل

نئون آباد(ن پ ا) نئون آباد ۾ ڪڻڪ لاءِ ڀاڻ سبسڊي لاءِ سروي بھاني زميندارن کان ھزارين رپين جي اوڳاڙي:احتجاج: فيلڊ اسسٽنٽ معطل، ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت ڪڻڪ اپائيندڙ زميندارن کي يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ جي 3 ٻورين جي مد ۾22 هزار رپيا في ايڪڙ مدد ڪرڻ واري اعلان بعد زميندارن پاران خريد ڪيل ڀاڻ جون رسيدون فيلڊ اسسٽنٽ وٽ جمع ڪرايون ويون، زميندارن موجب فيلڊ اسسٽنٽ ڪڻڪ جي پوکي جي تصديق جي نالي ۾في ايڪڙ تي 2 کان 5 هزار رپيا خرچي وصول ڪري رهيو هو،  هوڏانهن زميندار عابد لسڪاڻي، افتخار احمد، طاھرعلي ۽ ٻين جي شڪايت تي زراعت کاتي جي اختيارين يوسي هوت وساڻ جي فيلڊ اسسٽنٽ منور لاکي کي معطل ڪري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.