نئون آباد ڀرسان 2 ٻار شاخ ۾ ٻڏي فوت

جُون 16, 2025

نئون آباد ( پنهنجي ڊيسڪ)  نئون آباد ڀرسان 2 معصوم ٻارڙا شاخ ۾ ڪِري ٻڏي فوت، لاش اسپتال منتقل، نئون آباد ڀرسان 2 معصوم ٻارڙا شاخ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا، 8 ورهين جي صدف ڌيءَ محبوب شيخ ۽ 10ورهين جو افراز پٽ عنايت شيخ پير ترڪڻ سبب شاخ ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويا، واقعي جي اطلاع تي فوتي ٻارن جا وارث ڄاڻايل هنڌ پهچي ويا، ٻڏي ويل ٻنهي ٻارن کي  نئون اسپتال  منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن پاران فوت  ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، ٻنهي ٻارن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا،  ٻارن جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، وارثن کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا .

لاڳاپيل پوسٽون

  • جهول ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب پورهيت فوت

  • حيدرآباد ۾وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل

  • ڀان سيد آباد ۾ حادثو، پيرسن عورت فوت

  • قاضي احمد ڀرسان ٿيل مقابلي جو ڪيس داخل