| نئون دمبالو ۾ نينگر سان جنسي ڏاڍائي، رتورت، جوابدار گرفتار |
نئون دمبالو (ن پ ا) نئون دمبالو ۾ واٽر سپلائي ڪالوني ۾ نينگر (ر) آرائين کي جوابدار جهنگ ۾ وٺي وڃي هٿ پير ٻڌي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو، نينگر رتورت ٿي ويو، جنهن بعد نينگر گهر اچي وارثن کي ٻڌايو، نينگر کي اسپتال داخل ڪرايو ويو، والدين اهڙو ڪيس ٽنڊوغلام علي ٿاڻي تي داخل ڪرايو، پوليس جوابدار 22 ورهين جي امجد خاصخيلي کي گرفتار ڪري ورتو.