نئون ديرو: جيها- ڏاهاڻي تڪرار تان وري فائرنگ: نوجوان قتل: انگ 15 ٿي ويو

نومبر 12, 2024

نئون ديرو (رپورٽ: نورمحمد سومرو) نئون ديرو ڀرسان جيها _ ڏاهاڻي خوني تڪرار ۾ ٺاپر نه آئي، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ جيها ڌر جو هڪ ڄڻو ڳوٺ گلڻ جيهو جو رهواسي اسد پٽ علي حيدر جيهو گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي ويو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش کڻائي اسپتال منتقل  ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول اسد جيهو جون وارث عورتون قاتلن کي جهوليون کڻي پتون پاراتا ڏيندي زار قطار روئينديون رهيون. مقتول جي وارثن امڙ عظمت خاتون، زڪيه خاتون، عرفان، عبدالحق ۽ ٻين دانهون ڪندي چيو ته صبح سوير اسد زمين کي پاڻي ڏيڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته اڳ ۾ ئي لڪي ويٺل ڏاهاڻي برادري جي هٿيارن بند مٿس سڌي فائرنگ ڪري گوليون هڻي بيگناھ قتل ڪيو. ظالمن اسان جو گهر اجاڙي ڇڏيو. اسان جو جيها ڏاهاڻي تڪرار سان ڪو به واسطو ناهي، اها ڏاهاڻي ڌر کي به خبر آهي ته اسان جهيڙيندڙ ڌر کان پري آهيون، اسان پورهيو ڪري پيٽ گذر ڪندا آهيون. پوليس به جوابدارن خلاف ڪجهه نه ٿي ڪري خاموش تماشائي بڻيل آهي. ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي ايس ايچ او ابراهيم بروهي موجب پوليس جي کوٽ سبب اسان جهيڙيندڙ ڳوٺن ۾ پوليس مقرر نه ڪري سگهيا آهيون. ٿاڻي تي به پوليس عملي کوٽ آهي

Leave A Comment