نئون ديرو ڀرسان لوڙهي کي لڳل باهه ڪيترائي گهر ساڙي ڇڏيا
مَي 25, 2023
نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ حسين ڀٽو ۾ پورهيت عمران ڀٽو جي گهر جي لوڙهي کي باهه لڳي وئي، جنهن ٻين گهرن کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو.
باهه سبب گهرن اندر پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو، پاڙي وارن نئون ديرو جي فائربرگيڊ عملي کي اطلاع ڪيو جن پهچي باهه تي ضابطو آندو ۽ وڌيڪ گهرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو.
متاثرن سرڪار ۽ سرندي وارن کي سهائتا جي اپيل ڪئي آهي.