نئون ديرو ڀرسان مبينا مقابلو، جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار

نئون ديرو ڀرسان مبينا مقابلو، جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار

نئون ديرو (ن پ ا) نئون ديرو ڀرسان گهنور ڀٽي لاڙي وٽ پوليس مبينا مقابلي ۾ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب ڏوهه جي ارادي سان بيٺل جوابدارن سان مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ جوابدار ممتاز عرف منو پٽ نادر گوپانگ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار جوابدار جي قبضي مان پستول هٿ ڪيو ويو آهي.