| نئون ديرو ڀرسان نينگر سان مبينا طور بدفعلي، 2 جوابدار گرفتار |
نئون ديرو(ن پ ا) نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ بچل گوپانگ ۾ 6 ورهين جي معصوم نينگر کي مبينا طور بدفعلي جو نشانو بڻايو ويو، نينگر جي وارثن پاران ٿاڻي تي اطلاع ڏنو ويو، پوليس ڪارروائي ڪري الزام هيٺ آيل زوهيب گوپانگ سميت ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، ان حوالي سان نينگر جي والد محسن گوپانگ ٻڌايو ته جوابدار زوهيب منهنجي معصوم پٽ کي زبردستي گهر کڻي وڃي بدفعلي ڪئي آهي مان جوابدار جي وارثن کي دانهه ڏني پر انهن داد نه ڪيو، جنهن بعد مان نئون ديرو پوليس کي اطلاع ڪيو. هوڏانهن اي ايس پي حيدر علي شاھ ٻڌايو ته اين سي داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، ميڊيڪل رپورٽ ملڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي. جڏهن ته اسپتال ۾ ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر ٻڌايو ته نينگر جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرڻ دوران نينگر سان بدفعلي جا نشان مليا آهن.