نئون ديرو (رپورٽ: نور محمد سومرو) نئون ديرو ڀرسان ڪارنهن تڪرار تان حملو، زمين تي رونبو ڪرڻ لاءِ ويندڙن تي فائرنگ
2 نوجوان قتل، هڪ زخمي، وارثن جو لاش رکي 10 ڪلاڪ ڌرڻو، روڊ بند، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب ڳوٺ سعيدو ديرو ۾ مڱڻيجا ۽ گوپانگ برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن جي پراڻي تڪرار تان صبح سوير هٿياربندن حملو ڪري رونبي لاءِ ويندڙن تي فائرنگ ڪري ڏني
جنهن جي نتيجي ۾ مڱڻيجا ڌر جا 2 نوجوان 19 ورهين جو عرفان مڱڻيجو ۽ 26 ورهين جو امجد مڱڻيجو ٿڏي تي مارجي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻو رفيق مڱڻيجو سخت زخمي ٿي پيو
وارثن ٻن مقتولن جا لاش ۽ زخمي کي نئون ديرو اسپتال آندو، جتان زخمي رفيق مڱڻيجو کي لاڙڪاڻو جي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو، قتل ٿي ويل ٻن ڄڻن جا لاش نئون ديرو اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا
وارثن ٻنهي ڄڻن جا لاش نئون ديرو لاڙڪاڻو روڊ تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪري 10 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو
جنهن سبب روڊ بند ٿي ويو، احتجاج دوران مظاهرين جون مختلف گاڏين تي سوار ماڻهن سان منهن ماري ۽ ڇڪتاڻ پڻ ٿي، مقتولن جي وارثن شهزادي خاتون، گلبانو، ياسمين ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان صبح سوير رونبو ڪرڻ زمين تي وڃي رهيا هئاسين ته
مشتاق گوپانگ ۽ ان جي پٽن ٻين هٿياربندن سان گڏجي حملو ڪري فائرنگ ڪئي جنهن ۾ ٻه نوجوان قتل ٿي ويا
هنن چيو ته جوابدار ڏوهاري قسم جا ماڻهو آهن جن کي مقامي سياسي ماڻهن جو آشيرواد حاصل آهي، جنهن ڪري پوليس انهن خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري، هنن الزام هڻندي چيو ته ڳوَٺ جو وڏيرو اشفاق ڀٽو ۽ ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جو چيئرمين اعجاز لغاري اسان تي ٺاهه لاءِ دٻاءُ وجهي جهيڙي کان روڪي رهيا آهن
ته ٻئي طرف جوابدار ڌر جي پٺڀرائي ڪري اسان مٿان حملا ڪرائي رهيا آهن، هنن چيو ته اسان به پ پ جا ووٽر آهيون پر لاش رکي ڌرڻو هڻي ويٺل آهيون ته هن مهل تائين ڪو به چونڊيل نمائندو، پارٽي اڳواڻ يا پوليس عملدار اسان وٽ لڙي ناهي آيو
هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار مشتاق گوپانگ ۽ سندس پٽن کي فوري طور گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي