نئون ديرو ۾ تيز رفتار ٽرڪ مڇي وڪڻندڙ پورهيت چيڀاٽي ماري ڇڏيو

نئون ديرو ۾ تيز رفتار ٽرڪ مڇي وڪڻندڙ پورهيت چيڀاٽي ماري ڇڏيو

نئون ديرو (ن پ ا) نئون ديرو شهر جي صدر ڪلر چوڪ تي تيز رفتار ٽرڪ روڊ سان مڇي وڪرو ڪندڙ نوجوان کي چيڀاٽي سخت زخمي ڪري ڇڏيو. نوجوان عابد پٽ غلام علي ميربحرکي زخمي حالت ۾ فوري طور علاج لاءِ نئون ديرو اسپتال آندو ويو جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي جي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي نوجوان فوت ٿي ويو. فوتي نوجوان جي وارثن ٽرڪ کي روڪي ڊرائيور کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪو موقعي تان فرار ٿي ويو. پوليس جڳ چوڪ وٽ پهچي ٽرڪ تحويل ۾ وٺي ڪلينر کي گرفتار ڪري ورتو.