| نئون ديرو ۾ حددخلين خلاف آپريشن، ڇڪتاڻ، 2 شهري گرفتار |
نئون ديرو (ن پ ا) نئون ديرو ۾ وڌندڙ غيرقانوني حددخلين خلاف سول مئجسٽريٽ رتوديرو ۽ شهرين جي شڪايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر رتوديرو سرمد مهر، اسسٽنٽ مختيارڪار رتوديرو انصار مڱريو، چيف ميونسپل آفيسر عمران حسين جوڻيجو، حافظ مشتاق ڪوريجو ميونسپل عملو ۽ پوليس ساڻ ڪري شهر جي پنج گلي چوڪ، هاير سيڪنڊري اسڪول، پرائمري اسڪول ۽ روڊ تي ڪيل غير قانوني حددخلين خلاف آپريشن ڪندي غيرقانوني طور تي رکيل مانڊڙيون، ڪاٺ سميت ريتي بجري ۽ ٻيو سامان کڻائي نئون ديرو ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو. حددخلين خلاف آپريشن دوران انتظامي عملدارن ۽ حددخليون ڪندڙن ۾ منھن ماري به ٿي، جنھن ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر رتوديرو سرمد مهر ٻن شهرين کي گرفتار ڪري نئون ديرو ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪرايو. اي سي سرمد مهر چيو ته مجسٽريٽ رتوديرو جي هدايت تي غيرقانوني حددخلين خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ويندي، هن چيو ته تعليمي ادارن، روڊن ۽ سرڪاري عمارتن جي چوڌاري ڪنهن به قسم جون غيرقانوني حددخليون برداشت نه ڪيون وينديون.