نئون ديرو ۾ پراسرار نموني گم نوجوان جو قبرستان مان تشدد ٿيل لاش هٿ

نئون ديرو ۾ پراسرار نموني گم نوجوان جو قبرستان مان تشدد ٿيل لاش هٿ

نئون ديرو(ن پ ا) نئون ديرو شهر جي پير گرگهل شاهه قبرستان مان نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ ڪيو ويو، علائقي واسين جي اطلاع تي  پوليس پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ شهر جي غريب آباد پاڙي جي رهواسي نوجوان عبدالصمد پٽ عبدالغني شيخ طور ڪئي وئي آهي، فوتي جي چاچي شمس الدين شيخ ٻڌايو ته عبدالصمد گذريل شام جو گهران نماز پڙهڻ جو چئي نڪري ويو ته واپس نه موٽيو جنهن بعد سندس گمشدگي بابت نئون ديرو ٿاڻي تي اين سي پڻ داخل ڪرائي. عبدالصمد کي دماغي بيماري هئي جنهن جو علاج هڪندڙ هو. اسان جي ڪنهن سان دشمني ناهي خبر ناهي ڪنهن تشدد بعد قتل ڪري ايڏو ظلم ڪيو آهي، مامري جي شفاف جاچ ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ايس ايڇ او گلزار احمد ٻرڙو ٻڌايو ته اسان کي رات عبدالصمد جي وارثن پاران سندس گمشدگي جو اطلاع ڏنو ويو هو، واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون جيڪو به ملوث هوندو ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.