سال 2025 به گذري ويو. هن گذاريل سال ۾ به ڪيترن ئي ماڻهن جا خواب سندن اکين ۾ ٽٽي پيا ۽ اکيون زخمي ٿي ويون. گذريل سال ٻين وانگر اسان لاءِ به ڪو خاص خوشگوار نه رهيو. هاڻي ڇا ڇا ٻڌائجي ۽ ڇا ڇا بيان ڪجي؟ بس ايترو ئي چونداسين ته، “دُکھ اور طرح کے ہیں اور دوا اور طرح کی” سياست، رياست، سماج ۽ معيشت – ڪنهن به حوالي سان ڪا سٺي خبر ناهي، نه ئي ڪنهن سٺي خبر جي اچڻ جي اميد آهي. ان سال ۾ ڪجهه پيارا وڇڙي ويا، ۽ ڪجهه پيارا ممتا جي محبتن ۽ دعائن کان محروم ٿي ويا. ممتا (ماءُ)، جنهن جو ڪو به نعم البدل ناهي.
مون کي موجوده دور جي شاندار شاعر انجم سليمي جو هڪ شعر ياد اچي رهيو آهي. رڳو مون کي ئي نه، پر هر ان ماڻهوءَ کي اهو شعر ياد اچي ٿو، جيڪو ماءُ جي ممتا ۽ دعائن کان محروم آهي. منهنجي نظر ۾ ماءُ بابت انجم سليمي جو هي هڪ شعر ڏهاڪن ۽ صدين جو سفر طئي ڪري، هڪ ڏينهن ضرب المثل (چوڻي) بڻجي ويندو. هو بلڪل صحيح چوي ٿو ته ماءُ جو ڪو به متبادل ناهي- ڪو به ناهي. ديندارن وٽ ان حوالي سان پنهنجي هڪ تمثيل آهي ته خدا ستر مائرن کان وڌيڪ مهربان ۽ محبت ڪندڙ آهي.
اسان هن ڳالهه تي بحث ڪري سگهون ٿا، پر اسان جي چوڌاري اهڙو نيچ تعصب بنا ڪنهن الڪي جي بي ڌڙڪ گهمي رهيو آهي، جو هر ماڻهوءَ کي پنهنجي سر جي لڳي پئي آهي. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته ڪهڙي سماج ۾ پيدا ٿياسين ۽ ڪهڙي سماج ۾ ڦاسي پيا آهيون! اهڙو سماج، جتي مذهب ۽ عقيدا هر وقت خطري ۾ هوندا آهن. هڪ نوجوان شاعر جي شعر جو مفھوم ڪجهه هن ريت آهي ته، پڳون ۽ پٽڪا ڏوهن ۽ گمراهين جي باوجود به اوچا ئي رهندا آهن، پر پوتيءَ جا پاند هڪ جڙتو الزام تي پنهنجي قيمت ۽ قدر وڃائي ويهندا آهن.
معاف ڪجو، اسان به ڪهڙيون ڳالهيون کڻي ويهي رهيا آهيون؛ اهڙيون ڳالهيون ته هاڻي بند ڪمرن ۾ ئي ڪرڻ گهرجن، ڇو ته عقيدي پرست گهٽين ۾ بي ڌڙڪ گهمندا ٿا وتن. منهنجن ڪجهه دوستن کي شڪايت آهي ته هاڻي مان گهٽ لکڻ لڳو آهيان، ڪن جو خيال آهي ته مسلط ڪيل جبر کان ڊڄي ويو آهيان، ۽ ڪي وري اهڙا به آهن، جيڪي ان جبر جو ٻيلي ۽ ڀيچي هجڻ جون ٺٺوليون ڪن ٿا. جيتوڻيڪ اهڙين ڳالهين سان اُن ماڻهوءَ کي ڪو فرق نٿو پوي، جيڪو پنهنجي محنت مزدوري جي روزي کائي ٿو، پر پوءِ به اهو چوڻ ضروري آهي ته هن ڏيکاءُ ۽ فيشن واري ماحول ۾، پنهنجي سمجهه موجب ڳالهائڻ نهايت ئي ضروري آهي. ماڻهو ڇا چون ٿا ۽ ڇا سوچين ٿا، ان سان ڪو فرق نٿو پوي. ٺلهي ۽ سکڻي واھ واھ سان چُلها نٿا ٻرن.
هلو، ان ڳالهه کي به اتي ئي ٿا ڇڏيون. اچو ته موجوده وقت جي موضوعن تي ڳالهايون: مهانگائي به آهي، بيروزگاري به، گھُٽ ٻوسٽ به آهي. 26 ڪروڙ ماڻهو جنهن هنڌ بيٺا آهن، اهو ڪو نه قابلِ ذڪر مقام آهي ۽ نه ئي فخر جوڳو هنڌ؛ ۽ “مقامِ محمود” – ته اهو صدين جي سفر کان پوءِ ملڻ وارو آهي. اسين اڳتي وڌون ٿا، ۽ اڳتي وڌندو رهڻ ئي زندگي آهي. وک وک اڳتي هلندي، وڌندو رهڻ گهرجي. اسان جي چوڌاري جيڪا فضا ۽ جيڪي حالتون آهن، اهي اسان جي پنهنجي عملن ۽ افعالن جو ئي نتيجو آهن. مسئلن جو سج سوا نيزي تي آهي. ڀلا اهو سوا نيزي تي ڪڏهن نه هو؟
زندگي جي سفر جي 67 سالن جا سنگِ ميل پار ڪري آيو آهيان. انهن 67 سالن ۾ جيڪو ڏٺو، جيڪو ڀوڳيو، جيڪو محسوس ڪيو، اهو سڀ ڪجهه نهايت دلچسپ رهيو آهي. اسان جي پيڙهيءَ چار فوجي حڪمران ڀوڳيا؛ اسان جي اکين اڳيان ملڪ ٻه ٽڪر ٿيو؛ ڀُٽي کي ڦاسي ڏني وئي؛ بينظير ڀٽو کي رستي تي قتل ڪيو ويو. بلوچستان جون حالتون گهٽ ۾ گهٽ اسان جي جوانيءَ جي ڏينهن کان اهڙيون ئي رهيون آهن، جهڙيون اڄ آهن. اسان جي رياست بيشمار تجربا ڪيا آهن، سواءِ محبتن جا گلاب پوکڻ جي.
اسان جي همزاد فقير راحمون جو چوڻ آهي ته رياستون اڪثر اهو ئي ڪنديون آهن، البته ڪجهه رياستون شهري حقن جي ڇٽي اوڍي وٺنديون آهن، تنهنڪري ماڻهو سندن اصل چهرو سڃاڻي ناهن سگهندا. ٽين دنيا جي رياستن جي هڪ خاصيت اها آهي ته اهي عدل ۽ مساوات جي ڇٽي ناهن اوڍينديون.
عرض ڪيوسين: “اهو ائين ڇو آهي؟”
چيائون: “شاهه جي، زندگي سيکاريندي سيکاريندي سيکاري ٿي. ٽين دنيا جون رياستون به هڪ ڏينهن سکي وينديون ته ماڻهن تي به ٿورو گهڻو خرچ ڪرڻ ضروري هوندو آهي.”
ڳالهه وري پري نڪري وئي. جنهن وقت هي سٽون لکي رهيو آهيان، لاهور سميت لڳ ڀڳ سڄو پنجاب ڌنڌ ۽ ڪوهيڙي ۾ لڪل آهي. هن سال سيارو ڪجهه دير سان آيو آهي. ميداني علائقن ۾ برسات اڃا کلي نموني نه ٿي آهي، پر پشاور کان ڪراچي تائين بدزبانيءَ جا وڏ- ڦڙا وسڪارا پيا وسن. اهڙيون اهڙيون گاريون، بازاري ۽ غيرمهذب جملا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، جو ڌڻيءَ در توبهه. ڪراچي ۾ ڀائي الطاف حسين جا همدرد ۽ مصطفى ڪمال اگهاڙين گارين ۽ الزام تراشين سان کيڏي رهيا آهن. پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي حڪومتن جي ڪجهه ذميوارن وچ ۾ به “زبان داني” جا ملاکڙا جاري آهن. انهن تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو، اها ڳالهه ڄاڻڻ باوجود ته هاڻي اهڙي زبان اسان جي مروج سياست جو رزق بڻيل آهي.
اسان وٽ جيترا به اصلاح پسند ۽ عبادتگاهون موجود آهن، تن جي هوندي به اخلاق ۽ قدرن جا جنازا روزانو نڪرندا رهن ٿا. ڇا اصلاح پسندن ۽ عبادتگاهن جي وارثن کي پنهنجا عيب ۽ اوڻايون نه ڳولهڻ گهرجن؟ هي هڪ سوال آهي. ڪاش، ان تي ٿڌي دل سان غور ۽ فڪر ڪرڻ جي تڪليف ڪئي وڃي. پر ڇا انتهاپسندين ۾ ورهايل سماج ۾ ڪو غور ۽ فڪر جي ڦڪي کائڻ لاءِ تيار آهي؟ اسان جو جواب نهڪر ۾ آهي.
پاڪستاني سياست ۽ سماج جا رنگ ڍنگ نرالا آهن. هتي ظالم ۽ مظلوم، محبِ وطن ۽ غدار بدلجندا رهن ٿا. ڪالهه جا ظالم اڄ مظلوم بڻجي وڃن ٿا، ۽ ڪالهه جا غدار اڄ محبِ وطن سڏجن ٿا. ڏينهن بدلجندا ته رڳو ڪردار ئي نه، پر چهرا به بدلجي ويندا. ۽ ڏينهن بدلجن يا نه بدلجن، ڪردار ۽ چهرا بدلائڻ جي هي موسمي راند رياست جي سرپرستيءَ هيٺ ئي کيڏي وڃي ٿي. ياد رهي ته اسان وٽ درست هجي يا غلط، رياست کي اسٽيبلشمينٽ سمجهيو ويندو آهي. توڙي جو معنا جي لحاظ کان اها ڳالهه درست ناهي، پر عملي طور تي صورتحال اهڙي ئي آهي. اسان هنن ئي سٽن ۾ اڌ صديءَ کان عرض ڪندا پيا اچون ته عالمي سامراج جي مرضي ۽ منشا سان، گذريل صديءَ جي وچ وارن ٽن ڏهاڪن ۾ مستقبل جو جيڪو نقشو جوڙيو ويو هو، ان جا نتيجا اهڙا ئي نڪرڻا هئا. سامراج هجي يا رياستون – اهي خواب وڪڻن ٿيون ۽ تعبيرون زوريءَ کسي وٺن ٿيون. فقير راحمون چوي ٿو: “شاهه صاحب، تون سڌي صاف ڳالهه ڇو نٿو ڪرين ته رياستون تعبيرون چوري ڪري وٺن ٿيون.” هاڻي ٻڌايو، هن گھُٽ ۽ سرد موسم ۾ ڪير کئونس ڪري؟ گهٽ ۾ گهٽ اسان جو ته اهڙو ڪو ارادو ناهي.
گذريل سال مطالعو تمام گهٽ ٿي سگهيو. ان جا ڪجهه سبب معروضي هئا ۽ ڪجهه ذاتي حالتون. حالانڪه ڪتاب خريد به ڪيا ويا، ۽ ڪجهه دوستن به تحفي طور ڏنا. ذهني سڪون مطالعو ڪرڻ لاءِ نهايت ضروري هوندي آهي، بس اهو ئي موجود نه هو. خير، دنيا اميد تي قائم آهي، تنهنڪري اسان کي به اميد، بلڪه پڪو ويساهه آهي ته جيڪڏهن هن سال زنده رهياسين ته گهڻو پڙهنداسين. پهرين اهي ڪتاب پڙهنداسين، جيڪي گذريل سال نه پڙهي سگهيا هئاسين، پوءِ نوان گهرائينداسين.
اڃان ايستائين مس لکي سگهيو هوس ته اوچتو فقير راحمون جو ٽهڪ ٻڌڻ ۾ آيو. اسان ڪنڌ مٿي کڻي هن ڏانهن ڏٺو ته هو کلندي چيائين: “يار شاهه صاحب، تون ڪتابن جي معاملي ۾ وڏو هٻڇي آهين، تنهنڪري ائين نه چئو ته پهرين گذريل سال وارا بچيل ڪتاب پڙهندس، پوءِ نوان گهرائيندس. اهو توکان نه ٿيندو. تنهنڪري اهو ئي چئو، جيڪو ڪري سگهين.”
رب جو شان آهي، هاڻي فقير راحمون جا ڀاشڻ به ٻڌڻا پون ٿا. البته هو جيڪو چوي ٿو، اهو صحيح ئي آهي، اسين اهڙا ئي آهيون.
ملڪ ۾ سردي وڌي رهي آهي، ۽ سياست جي ميدان ۾ گرمي. هڪ وقت اهڙو هو، جڏهن ڪجهه ماڻهو رات جو اھو چوندي سمهي پوندا هئا ته، “زرداري ته ويو….”، پر ٻئي ڏينهن ائين نه ٿيندو هو. اڄڪلهه ڪجهه ماڻهو انقلاب پوکي سُمھي پون ٿا، ۽ صبح جو ساڳئي ماحول ۾ جاڳن ٿا.
خير، انهن ڳالهين کي في الحال ھڪ پاسي ٿا رکون، ڇو ته انهن مان ڪو خاص فائدو به ڪونهي. هتي طبقاتي جمهوريت هجي يا انقلاب واري تبديلي ـ ٻئي ھڪڙي ئي سر مان سيراب ٿيڻ ٿا، تنهنڪري هاڻي ان تي سوچڻ ئي ڇڏِي ڏنو آهي ۽ توھان به گهٽ سوچيندا ڪريو، ڇو ته، `بلاول ہے دیس کا مقروض و بدحال اور پاوں ننگے ہیں بینظیروں کے `. اھا صورتحال ڪڏهن تبديل ٿيندي؟ ان بابت ڪجهه به چوڻ ممڪن ناهي.
اسان جو هڪ عزيز، سيد محمد اسد شاهه، گذريل ڏينهن چيو هو: “شاهه صاحب، توھان پيپلز پارٽي تي ان جي موجوده ڪردار جي حوالي سان ڪجهه به نٿا لکو؟” سندس ڳالهه درست آهي ۽ شڪايت به بجا آهي، پر لکجي ڇا؟ پيپلز پارٽي به انهيءَ طبقاتي نظام جو حصو آهي، ۽ طبقاتي نظام ۾ اهو ئي ڪجهه ٿيندو آهي، جيڪو اسين سڀ ڀوڳي رهيا آهيون.
بهرحال، اسان دعاگو آهيون ته هي نئون سال گذريل سال کان ڪجهه مختلف هجي—اها ڳالهه ڄاڻڻ باوجود به ته رڳو دعائن سان ڏينهن نٿا بدلجن.