نئون سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن مقرر: ڪمشنر پنجاب ۽ بلوچستان بدلي: نشان تبديل ٿيڻ سان چونڊون ملتوي ٿيڻ جو خدشو ظاهر

جنوري 17, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن پاران هاءِ ڪورٽس مان چونڊ نشان تبديل ٿيڻ تي لاڳاپيل تڪن ۾ چونڊون ملتوي ٿيڻ جو خدشو ظاهر، چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت ۾ اجلاس دوران چونڊ نشان تبديل ڪرڻ بابت عدالتي فيصلن جو جائزو ورتو ويو، اي سي پي ترجمان چيو آهي ته سموري ملڪ ۾ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي شروع ٿي وئي آهي، بيلٽ پيپرز جي ڇپائي جي صورت ۾ عدالتي فيصلن وسيلي چونڊ نشان تبديل ٿيا ته لاڳاپيل تڪن تي چونڊون ملتوي ٿي سگهن ٿيون. اليڪشن ڪميشن پاران پڌرائي ۾ چيو ويو ته نشان الاٽ ٿيڻ کانپوءِ مختلف فورمز تان چونڊ نشان تبديل ڪيا پيا وڃن، نشان الاٽ ٿيڻ بعد پرنٽنگ ڪارپوريشنز کي پيپرز ڇپائي جو آرڊر ڏنو ويو آهي، جن تڪن ۾ نشان تبديل ٿيندا اتي وقت تي چونڊون ڪرائڻ ممڪن نه هوندو، چونڊ نشان تبديل ٿيڻ جو عمل جاري رهيو ته اليڪشن ۾ دير جو خدشو پيدا ٿيندو، نشان جي تبديلي تي بيلٽ پيپرز جي ٻيهر ڇپائي ڪرائڻي پوندي، بيلٽ پيپرز لاءِ خصوصي ڪاغذ مهيا ڪيو ويو جيڪو ضايع ٿي ويندو، 2024ع جي چونڊن ۾ 2070 ٽن ڪاغذ استعمال ٿيڻ جو ڪاٿو آهي، 18 هزار 59 اميدوار آهن،260 ملين بيلٽ پيپرز ڇپرائي رهيا آهيون، نشان تبديلي جو سلسلو نه رڪيو ته لاڳاپيل تڪن ۾ چونڊ ملتوي ڪرڻ کانسواءِ ڪو ٻيو دڳ نه هوندو، هوڏانهن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان صوبائي اليڪشن ڪمشنرز، ڊي آر اوز، آر اوز کي هدايت ڪئي آهي ته هو چونڊ نشان تبديل ڪرڻ کان پاسو ڪن. اليڪشن ڪميشن چيو ته جيڪڏهن چونڊ نشان تبديل ڪرڻ ضروري آهي ته پهريان اليڪشن ڪميشن کان اجازت ورتي وڃي. بيلٽ پيپرز جي ڇپائي شروع ٿي وئي، چونڊ نشان جي تبديلي شايد ممڪن نه ٿي سگهي.

اسلام آباد: سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن جي استعيفا منظور، نئون سيڪريٽري مقرر، پنجاب ۽ بلوچستان جا چيف اليڪشن ڪمشنر به بدلي ڪيا ويا. تفصيل موجب سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن عمير حميد جي استعيفا منظور ڪئي وئي، هن خراب صحت سبب استعيفا ڏني هئي، چيف اليڪشن ڪمشنر پاران استعيفا منظور ڪئي وئي، عمير حميد 9 جولاءِ 2021ع کان 16 جنوري 2024ع تائين عهدي تي رهيو، هوڏانهن جڏهن ته عمير حميد جي استعيفا کانپوءِ سيد آصف حسين کي نئون سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن مقرر ڪيو ويو، اليڪشن ڪمشنر پنجاب سعيد گل  کي ڊي جي اليڪشن ونگ مقرر ڪيو ويو، ايڊيشنل ڊي جي محمد فريد آفريدي کي اليڪشن ڪمشنر بلوچستان مقرر ڪيو ويو، اليڪشن ڪمشنر بلوچستان اعجاز چوهاڻ کي بدلي ڪري اليڪشن ڪمشنر پنجاب مقرر ڪيو ويو.

Leave A Comment