نئون سکر بيراج اڏڻ جو پروپوزل تيار: 66 دروازن واري رٿا تي هڪ سئو ارب رپيا خرچ ايندو
جنوري 30, 2024
سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) سنڌ حڪومت ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان نئين سکر بيراج جي تعمير لاءِ پروپوزل تيار ڪري ورتو آهي ۽ اهو پروپوزل پهرين فيبروري تي سکر جي هڪ مقامي هوٽل ۾ تقريب پيش ڪيو ويندو، پنهنجي اخبار پاران هٿ ڪيل ان پروپوزل موجب نئون سکر بيراج هاڻوڪي بيراج کان 3 ڪلوميٽر هيٺ تجويز ڪيو ويو آهي ۽ ان جي الائنمنٽ جي حتمي جڳهه جلد مقرر ڪئي ويندي، جنهن بعد نئين بيراج لاءِ حتمي دروازن بابت تجويز ڪيو ويندو ته اهي ڪيترا هجن، هاڻوڪي بيراج جا 66 دروازا آهن، جن مان لڳ ڀڳ 10 مستقل طور بند آهن، رٿا ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته امڪاني طور 66 دروازا ئي هوندا ۽ 7 فوٽ جا ٿنڀا جوڙيا ويندا ۽ هرهڪ دروازو 60 فوٽ ويڪرو هوندو، بيراج مان 15 لک ڪيوسڪ پاڻي گذرڻ جي گنجائش هوندي ۽ نارمل پانڊ ليول 200 فوٽ هوندي، بيراج جي سموري رٿا تي ابتدائي لاڳت جو ڪاٿو هڪ سئو ارب رپيا لڳايو ويو آهي، جنهن مان 63 ارب 55 ڪروڙ 64 لک رپيا بيراج ۽ ڪينالن جي هيڊورڪس ۽ هاڻوڪن ڪينالن کي پراڻن ڪينالن سان ملائڻ جي اڏاوت تي خرچ ايندا، نئين بيراج ۾ بيراج جو ڍانچو، گيٽ، گائيڊ وال، ڊوائيڊ وال، بندن کي پڪو ڪرڻ، روڊ، عمارتون، بجلي وغيرهه جو ڪم شامل هوندو، ستن ئي ڪينالن جا هيڊ ريگيوليٽر نئين بيراج وٽان نوان ٺهندا، جن تي خرچ جو ڪاٿو 6 ارب 5 ڪروڙ 83 لک رپيا لڳايو ويو آهي، مک بيراج تي خرچ جو ڪاٿو 30 ارب 47 ڪروڙ 74 لک رپيا لڳايو ويو آهي، هيڊريگيوليٽرن کان پراڻي ڪينالن سان ڳنڍڻ لاءِ 7 ارب 29 ڪروڙ رپين جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، بندر وال کي مٿي وڌائڻ لاءِ 35 ڪروڙ تجويز ڪيا ويا آهن، زمين جي حاصلات لاءِ 12 ارب 12 ڪروڙ 60 لک رپيا رکيا ويا آهن ۽ مختلف مدن ۾ اهڙي ريت وڌيڪ اربين رپيا خرچ لاءِ تجويز ڪيا ويا آهن، جن جو پڻ وچور ڏنو ويو آهي، سنڌ بيراج امپروومنٽ پراجيڪٽ ايس بي آءِ پي) ورلڊ بينڪ وسيلي نئين سکر بيراج اڏڻ لاءِ پروپوزل تيار ڪرايو آهي، رٿا موجب سکر بيراج کان نڪرندڙ ڪينال ساڳي هنڌ موجود هوندا پر نئين بيراج مان هيڊورڪس وسيلي انهن ڪينالن کي پاڻي پهچائڻ لاءِ کاٻي پاسي جي چئني ڪينالن تائين مجموعي 20 ڪلوميٽر تائين انهن کي گڏايو ويندو ۽ ساڄي پاسي مجموعي طور 30 ڪلوميٽرن تائين انهن کي گڏايو ويندو، هڪ ٻئي اندازي موجب کاٻي پاسي گهٽ ۾ گهٽ ٽن ڪلوميٽرن جو هر هڪ نئون ڪينال پراڻي سان ملائڻ لاءِ تعمير ٿيندو ۽ کاٻي پاسي 18 ڪلوميٽرن جو اندازو لڳايو ويو آهي، پروپوزل ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نئين بيراج جي اڏاوت سان ٻوڏ جو خطرو گهٽجي ويندو ۽ پراڻي بيراج تان ٻوڏ جو دٻاءُ به ختم ٿي ويندو، آبپاشي نظام ۾ بهتري اچڻ سان زرعي معيشت ۾ واڌارو ٿيندو، رٿا ۾ ڄاڻايل آهي ته نارا ڪينال ساڳي الائنمنٽ سان متان نئين سري سان تعمير ڪيو وڃي، ياد رهي ته ورلڊ بينڪ جي اڀياس ڪندڙ ٽيم پاران هاڻوڪي سکر بيراج جي مٿاهين ۽ لهواري پاسي پنجن جاين جو معائنو ڪيو ويو، جنهن بعد وڌيڪ مناسب جاءِ هاڻوڪي بيراج کان 3 ڪلوميٽر هيٺ تجويز ڪئي وئي آهي
ايس بي آءِ پي پاران 15 سالن ۾ ڪم مڪمل ڪرڻ جو اندازو
سکر: نئين سکر بيراج کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ايس بي آءِ پي پاران اندازو لڳايو ويو آهي ته اهو 15 سالن ۾ مڪمل ٿيندو، جنهن ۾ نئين بيراج جي اڀياس ۽ فزيبلٽي لاءِ به وقت شامل آهي، ٻئي پاسي ورلڊ بينڪ پاران گهرايل ماهر بيري ٽرمباٿ جي راءِ موجب اڀياس، فزيبلٽي ۽ اڏاوت وارو ڪم 10 سالن دوران مڪمل ٿي ويندو، سندس خيال موجب اڏاوتي ڪم 6 سالن ۾ پورو ٿي ويندو، ورلڊ بينڪ جي ان ماهر موجب بيراج جا ٿنڀا ۽ منگهه آر سي سي هجن.
نئين بيراج مڪمل ٿيڻ تائين آبپاشي نظام ساڳي ريت ڪم ڪندو
سکر: نئين سکر بيراج جي پروپزل ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جيستائين نئون بيراج مڪمل نه ٿو ٿئي، تيستائين هاڻوڪي بيراج جو آبپاشي نظام ساڳي ريت ڪم ڪندو رهندو، جڏهن نئون بيراج مڪمل ٿيندو ته پراڻي بيراج جا سمورا دروازا هٽايا ويندا، جيئن پاڻي جي وهڪري ۾ رڪاوٽ نه اچي، اهو به چيو ويو آهي ته 10 دروازن سامهون هٿرادو ٻيٽ به ختم ڪيو ويندو، جڏهن ته ٻي حيرت انگيز ڳالهه اها به چيل آهي ته هاڻوڪي بيراج جي سگهه کي ڪو به نقصان ناهي ۽ اهو انتهائي مضبوط آهي، گڏو گڏ ڄاڻايو ويو آهي ته نئين بيراج ٺهڻ سان واري جي گڏ ٿيڻ وارو مسئلو گهڻي ڀاڱي ساڳي ريت ئي رهندو، ٻي اهم ڳالهه بنا نالا ڄاڻائڻ جي چيو ويو آهي ته نئين بيراج جي وهڪري ۽ ڪينالن کي پاڻي سپلاءِ جي بهتر صلاحيت لاءِ گهربل پانڊ ليول خاطر مٿاهين پاسي موجود تاريخي ٻيٽ مڪمل يا انهن جا ڪجهه حصا ختم ٿي سگهن ٿا ۽ بند به مٿي ڪيا ويندا، ياد رهي ته سکر بيراج جي مٿاهين پاسي هڪ ٻيٽ تي ستين جو آسٿان آهي، ٻيو ٻيٽ ساڌ ٻيلي وارو آهي، ٽيون ٻيٽ بکر جي قلعي وارو آهي ۽ چوٿون ٻيٽ خواجا خضر وارو آهي، روهڙي، نارا، خيرپور ايسٽ ۽ ويسٽ ڪينالن جي نئين حصي جي الائنمنٽ لاءِ روهڙي شهر جي ڪجهه حصن ۽ ڀرپاسي جي آبادي متاثر ٿيندي، ساڳي ريت دادو، رائيس ۽ کيرٿر ڪينالن جي ڪري سکر شهر جي ڀرپاسي آبادي ۽ انفرااسٽرڪچر متاثر ٿيندو.