ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ليبر واري وزير سعيد غني چيو آهي ته نوان صوبا ٺاهڻ آءِ ايس پي آر نه پر اسيمبلين جو ڪم آهي، سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪندڙن کي زميني حقيقتن جي ڄاڻ ناهي، جماعت اسلامي، جي يو آءِ، پي ٽي آءِ ۽ نواز ليگ ورهاڱي خلاف آهن. سنڌ کي ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي، جيڪي پاڻ کي گڏ نٿا رکي سگهن، اهي سنڌ کي ورهائڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. جيڪو مرضي ڪري وٺن، آئون لکي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان ته سنڌ اندر ڪو ٻيو صوبو نه ٺهندو. نون صوبن کي روڪڻ لاءِ سڄي سنڌ اٿلي پوندي ۽ خوفناڪ نتيجا نڪرندا، ڪالهه ڪورنگي ۾ خطاب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪڏهن ڪڏهن حيرت ٿيندي آهي ته مختلف تجزيه نگار ۽ صحافي چون ٿا ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ نئون صوبو نٿي چاهي ۽ ان جو سبب اهي ڪرپشن کي قرار ڏين ٿا، اها بيوقوفي واري سوچ آهي. هن چيو ته 2012 يا 2013ع ۾ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ مڪاني نظام بابت معاهدو ٿيو هو، جنهن تحت مڪاني نظام ۾ ڪجهه ترميمون ڪيون ويون هيون. مخالفن ان کي ٻٽو نظام چئي سنڌ ۾ تحريڪ هلائي هئي، هڪڙي بلدياتي ترميم کي ٻٽو نظام سڏڻ تي سڄي سنڌ اٿلي پئي هئي ۽ پيپلزپارٽي کي اها ترميم واپس وٺڻي پئي، ايم پي ايز قيادت کي چيو هو ته گهرن مان نڪري نه ٿا سگهون، تصور ڪيو ته نئين صوبي تي ماڻهو اسان جو ڪهڙو حشر ڪندا جنهن کانپوءِ اهي ترميمون اسيمبلي مان واپس ورتيون ويون. هن چيو ته مڪاني نظام ۾ ترميمن ۽ سنڌ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. جيڪڏهن پيپلز پارٽي، خدا نه ڪري، سنڌ اندر ٻيو صوبو ٺاهڻ بابت ڳالهه به ڪري ها ته مڪاني نظام جي ترميمن تي جيڪو ردعمل سامهون آيو هو، اهو ايندڙ ردعمل جي سامهون ڪجهه به نه هوندو. هن چيو ته ٽي کان چار ماڻهو ڪائونسلر نٿا بڻجي سگهن، اهي سنڌ کي ورهائڻ جون ڳالهيون ڪيئن پيا ڪن؟ انهن کي شرم اچڻ گهرجي. سعيد غني چيو ته انهن جا سياسي مفاد ۽ ايجنڊا ٿي سگهن ٿا، پر پنهنجن مفادن خاطر سنڌ ۾ نفرتون نه پکيڙين. هن چيو ته هن وقت ملڪ جون معاشي حالتون بهتر ناهن، تنهنڪري ملڪ ۾ سياسي استحڪام ۽ يڪجهتي جي ضرورت آهي. سعيد غني چيو ته مصطفى ڪمال پاڻ چيو هو ته سکر جي عوام کيس چيو ته صوبو نه گهرجي، هاڻي هو پاڻ ويهي سنڌ جي ورهاڱي جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ وڏي عرصي کانپوءِ يڪجهتي پيدا ٿي آهي، متحده وارا اهڙيون ڳالهيون ڪري نفرتون پيدا ڪري رهيون آهن. صوبائي وزير واضح ڪيو ته جيڪو مرضي ڪري وٺن، آئون لکي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان ته سنڌ اندر ڪو ٻيو صوبو نه ٺهندو. هن چيو ته وفاقي گھرو وزير محسن نقوي يا استحڪام پارٽي جي سنڌ ۾ ڪهڙي حيثيت آهي جو هو نئون صوبو ٺاهڻ جي ڳالهه ٿا ڪن؟ سعيد غني چيو ته آءِ ايس پي آر جو ڪم اهو طئي ڪرڻ ناهي ته صوبا ٺهندا يا نه ٺهندا؟ جماعت اسلامي جي ڪراچي ۾ ڌرڻي بابت هن چيو ته جماعت اسلامي وارا عوام کي تڪليف ۾ وجهي پيٽروليم ليوي واري معاملي تي وزيراعظم کي جاڳائڻ گهرن ٿا، روڊ رستا بلاڪ ڪري شهرين کي پريشان ڪرڻ سان وزيراعظم جي صحت تي ڪهڙو اثر پوندو؟ جماعت وارن جي دماغ ۾ اها ڳالهه الائي ڪنهن وڌي آهي ته وزيراعظم کي جنجهوڙڻ لاءِ عوام کي تڪليف ڏيڻ ضروري آهي، پيٽروليم ليوي خلاف جماعت جي احتجاج سان ڪراچي جي شهرين جو وڌيڪ پيٽرول ضايع ٿي رهيو آهي..