لاطيني آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي طاقت جي سياست جو مرڪز بڻجي ويو آهي. تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به وڏيون طاقتون پاڻ ۾ ٽڪراءَ جو شڪار ٿين ٿيون، تڏهن ڪمزور ۽ وسيلن سان مالا مال علائقا انهن جو ميدانِ جنگ بڻجن ٿا. اڄ لاطيني آمريڪا سان به ساڳيو ڪجهه ٿي رهيو آهي. جيڪو علائقو 19هين صدي ۾ يورپي نوآباديات کان آزاديءَ جي علامت بڻيو، اڄ اهو آمريڪا، چين ۽ روس جي وچ ۾ هلندڙ نئين طاقت جي جنگ جو ميدان بڻجي چڪو آهي. جنهن جي جڙ آمريڪا جي پراڻي پر زندهه پاليسي `منرو نظريي ` ۾ لڪل آهي.
1823ع ۾ صدر جيمز منرو اعلان ڪيو هو ته يورپي طاقتون آمريڪي براعظم ۾ مداخلت نه ڪنديون. ان وقت هي نظريو آزاديءَ جي تحفظ جي علامت طور پيش ڪيو ويو، پر وقت سان گڏ اهو “آمريڪا آمريڪين لاءِ” بدران “آمريڪا آمريڪا لاءِ” جي شڪل اختيار ڪري ويو. لاطيني آمريڪا کي آزاد پاڙيسري نه، پر پنهنجو پٺو سمجهيو ويو ۽ ان کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ ڪرڻ لاءِ آمريڪا وسان نه گهٽايو هو پر اتان جي ڪميونسٽ سوچ واري عوام جي سخت مزاحمت جي ڪري پوئتي هٽيا ۽ يورپي ملڪن به آمريڪا جي ٻٽي پاليسي جي ڪري انهن جو ساٿ نه ڏنو پر واشنگٽن انهن رياستن جو پيڇو نه ڇڏيو. سرد جنگ دوران ڪميونزم جي حامي هجڻ ڪري ان نظريي جي آڙ ۾ ڪيوبا، چلي، نڪاراگوا ۽ ٻين ملڪن ۾ مداخلتون ڪيون ويون. سوويت يونين جي خاتمي کان پوءِ ڪجهه عرصي لاءِ لاطيني آمريڪا واشنگٽن جي نظر مان هٽي ويو، پر هاڻي چين ۽ روس جي وڌندڙ موجودگي هن علائقي کي ٻيهر اهم بڻائي ڇڏيو آهي.
اڄ جو منرو نظريو ٽينڪن ۽ فوجي حملي بدران پابندين، قرضن، IMF، سياسي انجنيئرنگ ۽ ميڊيائي جنگ ذريعي لاڳو ڪيو پيو وڃي. جتي جمهوريت جي نالي تي حڪومتون تبديل ڪري ايسٽ انڊيا جهڙيون ڪمپنيون ويهاريون پيون وڃن. وينزويلا ان جو سڀ کان وڏو مثال آهي، جتي تيل جا وسيلا، چين ۽ روس سان لاڳاپا، ۽ آمريڪا کان آزاد پاليسي واشنگٽن لاءِ ناقابلِ قبول بڻيل آهن. وينزويلا خلاف دٻاءُ دراصل ٻين ملڪن (ڪيوبا، ميڪسيڪو، گرين لينڊ) لاءِ خطرو آهي. اسپين، برازيل، چلي، ڪولمبيا، ميڪسيڪو، ڪيوبا، يوروگوا، گرين لينڊ، پولينڊ، پاناما، ڪوسٽوريڪا، سميت لاطيني آمريڪا جي ڀرپاسي جي رياستن وينزويلا تي آمريڪي ڪاهه کي دنيا جي نئين ماڊل طور “خطرناڪ مثال“ قرار ڏيندي گڏيل قومن کان مداخلت جي اپيل ڪندي پنهنجي عوام کي هر صورتحال لاءِ تيار رهڻ جو چيو آهي. جارجيا جي ليڊي ڪانگريس مين مارجوري ٽيلر گرين اين بي سي ٽي وي کي هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته وينزويلا تي ٽرمپ جي ڪاهه ڪا “آمريڪا فرسٽ” پاليسي نه پر ان جي “فاشسٽ ذهنيت” جي عڪاسي ڪري رهي آهي. هو آمريڪا کي ٺيڪ نه ڪري سگهيو آهي ته هاڻ وينزويلا کي ڇا ٺيڪ ڪندو! اصل ۾ هو پنهنجي ۽ دوستن جي ڪمپنين جي مالي فائدي لاءِ آمريڪي فوج کي استعمال ڪري رهيو آهي.
سينيٽر جيفريز چيو آهي ته اسان جي عوام جي حالت بک بدحالي جو شڪار آهي، ماڻهو مهانگائي مان تنگ اچي ويا آهن. ادارا بند ٿي رهيا آهن. نوڪريون ناهن. سينيٽر ڪرس مرفي سي اين اين کي انٽرويو ۾ چيو آهي ته ٽرمپ پنهنجي دوستن جي هڪ گروپ کي وڌيڪ امير بڻائڻ لاءِ لاطيني آمريڪا جي قدرتي وسيلن تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو. پر جيڪڏهن گذريل 30 سالن تي نظر وجهون ته آمريڪا جي حڪومتن جي تبديلي وارو رڪارڊ تباهه ڪندڙ آهي. فوجي ڪارروائي، ان بعد ان جا سياسي اثر، ڪاميابي ۽ ناڪامي هر معاملي تي غور ڪرڻ گهرجي. صدر ٽرمپ 1829 جي ”منرو“ جي جاءِ تي ”ڊونرو نظرئي“ تي عمل ڪري رهيو آهي. ان معاملي تي ٽرمپ نيوز ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته منرو نظرئي کان اسان تمام گهڻو اڳتي نڪري آيا آهيون. اسان پنهنجي ڀرپاسي تي حڪمراني جو حق رکون ٿا. ان تي اسان کان ڪو ٻيو سوال نه ڪيو وڃي. هن ڪيوبا ۽ ڪولمبيا جي صدرن کي ڌمڪيون ڏيندي چيو آهي ته هاڻ انهن جو وارو آهي. آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪ روبيو به ڪيوبا جو آهي پر هو اسان سان گڏ آهي.
آمريڪا جو لاطيني آمريڪا جي ملڪن تي مداخلت جو ڊگهو ۽ خراب رڪارڊ موجود آهي. واشنگٽن 1994ع ۾ هيٽي هڪ جنگي ٻيڙو موڪلي اتان جي حڪومت کي ختم ڪرايو هو. سندن سمورا قدرتي وسيلا آمريڪي ڪمپنيون ڦري لٽي ڀڄي ويون آهن. هاڻ گهرو ويڙهه ۾ ڦاٿا پيا آهن. هاڻ وينزويلا جي انهن جنرلن جو وارو آهي، جن ٽرمپ تي اعتبار ڪري مادورو جي حڪومت جو خاتمو ڪرايو آهي. مادورو کانپوءِ جي حڪومت فوج تي اعتماد بجاءِ سولين مليشيا کي هٿاربند ڪري مقامي هٿياربند گروهن کي منظم ڪري آمريڪا سان ويڙهه لاءِ تيار ڪرڻ شروع ڪيو آهي. جنهن مان لڳي ٿو ته هاڻ ڪاراڪس جي روڊن تي آمريڪي ڪمپنين خلاف منظم هٿياربند ويڙهه شروع ٿي ويندي.
واشنگٽن ۾ سينيٽ جي انٽيليجنس ڪاميٽي جي ڊيموڪريٽڪ وائيس چيئرمين سينيٽر مارڪ وارنر خبردار ڪيو آهي ته ٽرمپ جي ڪارروائي سان هاڻ چين ۽ روس به ائين ڪري سگهن ٿا. چين تائيوان ۽ روس يوڪرين جي صدر کي اغوا ڪرائي اتي قبضا ڪري سگهن ٿا ته پوءِ ٽرمپ ڇا ڪندو. هي نئين دور جي سامراجيت آهي، جتي ٽينڪ گهٽ ۽ ڪرنسي، ميڊيا، پابنديون ۽ معاهدا وڌيڪ استعمال ٿين ٿا. هن وقت لاطيني آمريڪا واشنگٽن لاءِ سون جي کاڻ آهي. انهن ۾ تيل (وينزويلا، برازيل) لٿيم (بوليويا، چلي، ارجنٽينا) ٽامو، سويابين، پاڻي ۽ اهم سامونڊي واپاري رستا اتي موجود آهن. چين انهن ملڪن ۾ اڳ ئي بنا ٽينڪن جي حڪمراني قائم ڪري ويٺو آهي ۽ روس اتي فوجي طاقت کي وڌائي رهيو آهي. برازيل، چلي، پيرو، ارجنٽينا، تائيوان چين جي مدد سان هلي رهيا آهن. چين جو نعرو آهي ته، ”اسان سياسي نه ٿا بدلايون پر واپار پيا ڪريون“، جڏهن ته آمريڪا جو نعرو آهي ته، ”اسان سڌو قبضو نه پر ڪنٽرول پيا ڪريون“.
ناروي، ڪينيڊا، ڊينمارڪ جي پريشاني به جائز آهي. عالمي ميڊيا جي تجزيو ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ٽرمپ پاليسيون لاطيني آمريڪا ۾ وڏي عالمي بحث ۽ تنقيد جو سبب بڻيون آهن. انهن کي خودمختياري خلاف، نئين سامراجي رويي طور ڏٺو پيو وڃي. ميڪسيڪو ۾ اقتصادي ۽ سماجي غيريقيني صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. ڪيوبا خلاف سخت موقف، مايوسيءَ وارا نتيجا پيدا ڪري سگهي ٿو. ٽرمپ جي موجوده حڪمت عملي رڳو سفارتي دٻاءُ تائين محدود ناهي، پر ان ۾ فوجي مداخلت، حڪومتن جي تبديلي، ۽ تيل جهڙن وسيلن تي سڌي سنئين ڪنٽرول کي ترجيح ڏني وئي آهي. عالمي مبصرن جو چوڻ آهي ته ٽرمپ انتظاميه جي ويجھن ماڻهن (جهڙوڪ اسٽيفن ملر جي گهر واري) سوشل ميڊيا تي گرين لينڊ تي آمريڪي جهنڊي جي تصوير شيئر ڪندي “جلد” (SOON) لکيو آهي. ٽرمپ چيو آهي ته، “اسان کي هر صورت ۾ گرين لينڊ گهرجي” ته جيئن اتي چين ۽ روس جي وڌندڙ اثر کي روڪي سگهجي. هن گرين لينڊ کي خريد ڪرڻ يا ڪنهن ٻي طريقي سان حاصل ڪرڻ لاءِ ڊنمارڪ تي سخت معاشي دٻاءُ وڌو آهي. چلي سڌي سنئين فوجي ھدف تي نه آهي، پر ان تي معاشي ۽ سياسي دٻاءُ وڌو پيو وڃي. چلي وٽ ليٿيم (Lithium) جا وڏا ذخيرا آهن، جيڪي آمريڪي ٽيڪنالاجي ۽ ايلون مسڪ جهڙن ٽرمپ جي اتحادين لاءِ تمام اهم آهن. ٽرمپ چاهي ٿو ته چلي چين سان پنهنجا واپاري لاڳاپا ختم ڪري آمريڪا کي ترجيح ڏئي. ٽرمپ انتظاميه چلي جي موجوده حڪومت سميت خطي جي هر ان حڪومت جي مخالف آهي جيڪا آمريڪي مفادن جي آڏو اچي ٿي.
ڊونلڊ ٽرمپ جي موجوده حڪمت عملي کي ڏسندي اهو واضح ٿئي ٿو ته هو ايران جي مقابلي ۾ پنهنجي پاڙيسري علائقن (Western Hemisphere) کي وڌيڪ ترجيح ڏئي رهيو آهي. هن جو خيال آهي ته ايران کي “آپريشن مڊنائيٽ هيمر” (Operation Midnight Hammer) ذريعي اڳي ئي ڪافي ڪاپاري ڌڪ هڻي چڪو آهي، هن جو مقصد ايران کي رڳو “ڪمزور” رکڻ آهي، جئين اسرائيل محفوظ رهي سگهي. پر هاڻ ٻنهي ملڪن ايران جي مذهبي قيادت کي هٽائي پنهنجي حامي حڪومت آڻڻ لاءِ شروع ٿيل احتجاج کي فنڊنگ ڪرڻ به شروع ڪئي آهي. پر لاطيني آمريڪا جي ملڪن کي “فتح” ڪري اتي پنهنجي مرضيءَ جون حڪومتون آڻڻ ۽ وسيلن (تيل، ليٿيم) تي قبضو ڪرڻ ٽرمپ جي پهرين ترجيح بڻجي وئي آهي.
لاطيني آمريڪا لاءِ هي صورتحال انتهائي خطري واري آهي. سياسي خودمختياري گهٽجي رهي آهي، معاشي وسيلا ٻاهرين ڪنٽرول ۾ وڃڻ جو انديشو آهي، ۽ سماجي بيچيني وڌي رهي آهي. جيڪڏهن هن علائقي جا ملڪ گڏيل حڪمتِ عملي اختيار نه ڪندا ته هو نئين نوآبادياتي دور جو شڪار ٿي سگهن ٿا. لاطيني آمريڪا جي ڪهاڻي رڳو ايستائين محدود ناهي. هي گلوبل سائوٿ، خاص طور پاڪستان جهڙن ملڪن لاءِ به واضح پيغام آهي ته معاشي ڪمزوري سياسي آزاديءَ کي به يرغمال بڻائي ڇڏيندي آهي. گهڻ رخي پرڏيهي پاليسي، قومي اتحاد ۽ معاشي خود انحصاري کان سواءِ آزادي محض نعرو رهجي وڃي ٿي.
تاريخ پاڻ کي ورجائي نٿي، پر خبردار ضرور ڪري ٿي. اڄ لاطيني آمريڪا جنهن چوراهي تي بيٺو آهي، اتي خاموشي به هڪ فيصلو سمجهي ويندي. جيڪڏهن هن علائقي جا ملڪ پنهنجن وسيلن، سياست ۽ مستقبل بابت پاڻ فيصلو نه ڪندا، ته اهي فيصلا ٻاهرين گاديَن ۾ لکيا ويندا. منرو نظريو هاڻي ڪتابن جو باب ناهي، پر زميني حقيقت آهي. سوال رڳو اهو ناهي ته آمريڪا ڇا ڪندو، اصل سوال اهو آهي ته لاطيني آمريڪا مزاحمت ڪندو يا ماتحت رهندو؟ ڇا لاطيني آمريڪا هن ڀيري اهو سبق سکندو يا نه. منرو نظريو ختم نه ٿيو آهي، رڳو جديد روپ اختيار ڪيو آهي. ايندڙ ڏهاڪو اهو طئي ڪندو ته هي علائقو آزاد گلوبل رانديگر بڻجندو يا وري ڪنهن نئين نوآبادياتي نظام جو حصو ٿي ويندو.