“نئون وچ اوڀر” هاڻي صرف نعرو نه رهيو آهي، پر هڪ اهڙي حقيقت بڻجي رهيو آهي، جتي فوجي قبضا، رياستي سرحدون ۽ روايتي اتحاد ثانوي ٿي ويا آهن، ۽ انهن جي جاءِ تي جاگرافي، واپار، سامونڊي رستا ۽ غير رياستي قوتون مرڪزي حيثيت اختيار ڪري چڪيون آهن. اهڙي بدلجندڙ علائقائي ترتيب ۾ يمن، جيڪو ڊگهي عرصي تائين ڪمزور ۽ جنگ زده رياست سمجهيو ويندو هو، هاڻي طاقت جي نئين راند جو اهم مرڪز بڻجي چڪو آهي. اهو هاڻي ڪمزور رياست نه، پر علائقائي طاقت جي توازن کي جهڪائڻ وارو ليور بڻجي چڪو آهي. نئين وچ اوڀر ۾، جيڪو يمن کي سمجهي ٿو، اهو ڳاڙھي سمنڊ (ريڊ سي)، نار (خليج)، اسرائيل ۽ عالمي واپار کي به سمجهي ٿو.
يمن جي اهميت جو بنياد ان جي جاگرافيائي صورتحال به آهي. باب المندب، جيڪو ريڊ سي کي عربي سمنڊ سان ڳنڍي ٿو، عالمي واپار جي انهن نازڪ رستن مان آهي، جتان يورپ، ايشيا ۽ وچ اوڀر جي توانائي ۽ سامان جي ترسيل ٿئي ٿي. نئين وچ اوڀر ۾، جتي سمنڊن جو ڪنٽرول زمين کان وڌيڪ اهم ٿي رهيو آهي، يمن هڪ قدرتي “چوڪ پوائنٽ” بڻجي ويو آهي.
حوثي تحريڪ هن جاگرافيائي حقيقت کي سياسي طاقت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. صنعاءَ ۽ اتر يمن تي حوثين جو ڪنٽرول صرف گهرو جنگ جو نتيجو نه، پر ايران جي اڳواڻي هيٺ “Axis of Resistance” جي سامونڊي توسيع آهي. لبنان ۾ حزب الله ۽ غزه ۾ فلسطيني مزاحمت کان پوءِ، يمن اهو واحد محاذ آهي، جتان اسرائيل ۽ ان جي اتحادن تي سڌو سامونڊي ۽ واپاري دٻاءُ وڌائي سگهجي ٿو. يمن کي ٽن حصن ۾ ورھائڻ کانپوءِ يمن ۾ ايراني پراڪسي حوثي باغين خلاف اتحادي رھندڙ سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات وچ ۾ يمن جي اھم خطي، جتان ڳاڙهي سمنڊ جھڙي اھم بحري لنگھه تي پنهنجي اثر قائم رکڻ ۽ اسرائيل جي علائقي ۾ نئين ڪردار وارن مفادن جي پسمنظر ۾ تيز ٿيل ٽڪر سبب ايندڙ وقت ۾ سعودي عرب، ترڪي، متحده عرب امارات وچ ۾ ٽڪرائن ۾ شدت اچڻ جا امڪان آهن. اھڙي ٽڪرائن جو دائرو عرب ملڪن کان آفريڪا جي ڪجھه ملڪن تائين ڦھلجي سگھي ٿو.
سعودي عرب، جيڪو اڳ يمن کي پنهنجي قومي سلامتي جو سوال سمجهندو هو، هاڻي “ويزن 2030” جي تناظر ۾ جنگ کان وڌيڪ استحڪام کي ترجيح ڏئي رهيو آهي. ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته سعودي عرب آهستي آهستي فوجي بالادستي کان پوئتي هٽي، سفارتڪاري ۽ توازن واري پاليسي اختيار ڪري رهيو آهي. ان جي ابتڙ، يو اي اي يمن کي هڪ متحد رياست بدران بندرگاهن ۽ لاجسٽڪ نيٽ ورڪ جي صورت ۾ ڏسي ٿو، جتي عدن، مڪلا ۽ سقطرى جهڙا علائقا اهم سامونڊي نوڊس بڻجن ٿا. عرب ملڪن ۽ يورپي مبصرن جو چوڻ آهي ته عرب اسپرنگ کان پوءِ آمريڪا طرفان سعودي عرب ۽ ترڪي جي مضبوط ڪردار، اثرن کي محدود ڪندي متحده عرب امارات کي گھٽ آبادي ۽ گھٽ جاگرافي ھجڻ واري ڪمزوري باوجود معاشي طور مضبوط ھجڻ، اھم جاگرافيائي حيثيت ھجڻ ۽ آپيشاهي حڪومتي سسٽم واري سگھه سبب علائقائي چوڪيدار بڻائي ان کي ميدان تي لاٿو آهي. جنھن تحت ، يمن، شام، مصر، صوماليه، لبيا، مصر سوڊان، عراق ۾ متحده عرب امارات جي اثر ۾ اضافو ڪيو ويو، انھن ملڪن ۾ ڪٿي سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات، ته ڪٿي ترڪي ۽ متحده عرب امارات ذريعي گڏيل طور ته ڪٿي اڪيلي اڪيلي آمريڪا جي سڌي ۽ اسرائيل جي اڻسڌي تعاون سان خطي اندر اثر رسوخ قائم ڪرڻ لاءِ اھي ملڪ پنهنجو اثر وڌائيندا رهيا آهن. ان جي نتيجي ۾ ئي عرب امارات پنهنجي فوج کي يمن ۾ لاهي سعودي حڪومت جي عملداري کي چئلينج ڪيو ۽ ان جهيڙي جي نتيجي ۾ هاڻ صورتحال انهن بادشاهتن جي سڌي جنگ جي صورت ۾ سامهون اچڻ ڪري پوري وچ اوڀر جي صورتحال ئي مٽجي چڪي آهي، ان ڪري ئي ٻين عرب ملڪن جي مداخلت جي ڪري انهن ٻنهي عرب بادشاهتن کي في الحال سيز فائر تي مجبور ڪيو ويو آهي پر حالتون انهن جي ڪنٽرول مان ئي ٻاهر نڪرنديون پيون وڃن. عالمي دفاعي مبصرن جو چوڻ آهي ته اها عارضي جنگ بندي آهي، ان تي حوثين جي حڪمت عملي ۽ يمن جي خودمختياريءَ جي حوالي سان اُڃان ڪيترائي سوال جنم وٺي رهيا آهن ته ٻئي پاسي اسرائيلي حڪمت عملي انهن کي ويتر منجهائي ڇڏيو آهي.
چوڏھن سالن کان ٽن ٽڪرن ۾ ورھايل يمن گهرو جهيڙن جي ور چڙهيل آهي، جنھن ۾ ھڪ علائقي ۾ حوثي باغي ايراني پراڪسي، يمن جي ٻئي اترئين حصي تي سعودي عرب جي مدد واري صدارتي ڪائونسل ۽ يمن جي ڏاکڻي حصي تي قابض سدرن ٽرانزيڪشن ڪائونسل متحده عرب امارات جي مدد واري پراڪسي وارا ڌڙا قابض آهن، آمريڪا اسرائيل جي آشيرواد سان متحده عرب امارات جي اثر واري گروپ کي مدد فراهم ڪري سعودي عرب جي اثر واري علائقي جي ٻن صوبن تي قبضو ڪيو آهي، جيڪو علائقو پڻ وڏو واپاري سمنڊ وارو لنگھه ھجڻ سان گڏ سعودي عرب لاءِ جنگي لحاظ سان اھم آهي. اھڙي صورتحال کي محسوس ڪندي سعودي، عرب امارات کان فورن علائقو خالي ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي. سعودي فوج ڪيترن ئي علائقن ۾ عرب امارات جي فوجي اڏن تي حملا به ڪيا آهن. غزه، اسرائيل جنگ، جيڪا وڌي لبنان، شام پوءِ ايران تائين پھچي عارضي جنگ بندي تائين ايران جي ڪمزور پوزيشن ۾ وڃڻ ۽ خطي ۾ پنھنجون اڪثر پراڪسيز وڃائڻ کان پوءِ ھاڻي اڳوڻا اتحادي نئين صف بندي طرف وڃي رهيا آهن، ھن وقت به مصر، لبيا، سوڊان، صوماليه، شام، عراق ۽ يمن ۾ قابض علائقائي ڌڙن پويان به سعودي عرب، متحده عرب امارات ۽ ترڪي بيٺل آهن. يمن ۾ سڌي فوجي مداخلت کان پاسو ڪندي، اسرائيل آمريڪا ۽ برطانيا سان گڏ ريڊ سي ۾ بحري اتحاد، انٽيليجنس آپريشن ۽ سائبر نگراني ذريعي پنهنجي مفادن جو تحفظ ڪري رهيو آهي. يمن جي عدم استحڪام، اسرائيل جي نارملائيزيشن ايجنڊا ۽ ريڊ سي واپار ٻنهي لاءِ وڏو خطرو بڻيل آهي. اسرائيل ڪافي سالن کان يمن سان سڌي جنگ کان پاسو ڪري ان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي حوالي سان آمريڪي انٽيليجنس سان جيڪا ورڪنگ شروع ڪئي هئي، ان جا نتيجا هاڻ ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. عالمي ميڊيا رپورٽس متحده عرب امارات جي ابراهيم اڪارڊ جو حصو ٿيڻ، اسرائيلي ٽيڪنالاجي سان جڙيل فوجي سگھه ۽ غزه جنگ کان پوءِ متحده عرب امارات، آمريڪا ۽ اسرائيل اڃان گهڻو ڪجهه ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي رهيا آهن. ان ۾ يمن ۽ صوماليا هاڻ دنيا جا نوان جنگي محاذ ھوندا. تازو صومالي لينڊ، جيڪو صوماليا جي حصي ھجڻ باوجود ھڪ آزاد علائقي يا ملڪ طور پاڻ کي ھلائيندو رھيو آھي، ان کي اسرائيل طرفان تسليم ڪرڻ جنھن صومالي لينڊ جي پڻ وڏي واپاري لنگھه ۽ جاگرافيائي اھميت ھجڻ سان گڏ غزه جي ماڻھن جي سندن ملڪ مان نيڪالي ۽ صوماليا لينڊ ۾ آبادڪاري واريون خبرون ھلندڙ آھن، ان تي پوري دنيا ۾ سخت رد عمل آيو آهي، پر ان کي عرب ملڪن سان گڏ ڪيترن ئي اسلامي ملڪن رد ڪيو آهي، ته اوچتو اسرائيل کي صوماليا جي زمين ۽ ان جا مفاد ۽ اتي اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري جو آخر سبب ڪهڙو آهي؟ عالمي مبصرن جو چوڻ آهي ته اسرائيل آفريڪي خطي ۾ پنهنجي اثر ۽ آمريڪي اسٽريٽجي جي ڪري اهڙا قدم کڻي رهيو آهي، جنهن سان عالمي واپار تي انهن جو اثر قائم رهي سگهي ۽ عرب بادشاهتن کي ڪنٽرول ڪري سگهجي.
نئين وچ اوڀر ۾ آمريڪا ۽ چين جو ڪردار به بدلجي رهيو آهي. آمريڪا فوجي موجودگي گهٽائي، سامونڊي واپار جي تحفظ تائين پاڻ کي محدود ڪري رهيو آهي، جڏهن ته چين معاشي مفادن ۽ ثالثي ذريعي خاموش پر اثرائتي موجودگي وڌائي رهيو آهي. سعودي–ايران لاڳاپن جي بحالي ۾ چين جو ڪردار ان تبديلي جو واضح مثال آهي. ”نئون وچ اوڀر” طاقت جي ان سياست ڏانهن وڌي رهيو آهي، جتي رياستن جي سرحدن کان وڌيڪ اهميت سامونڊي لنگهن، واپاري رستن، غير رياستي قوتن ۽ پراڪسي نيٽ ورڪن کي حاصل ٿي چڪي آهي. اهڙي بدلجندڙ عالمي ۽ علائقائي ترتيب ۾ يمن صرف جنگ سٽيل ملڪ نه رهيو آهي، پر اهو ريڊ سي، خليج، اسرائيل ۽ آفريڪا جي وچ ۾ طاقت جي وهڪري کي ڪنٽرول ڪرڻ وارو مرڪزي پوائنٽ بڻجي چڪو آهي.
يمن جي موجوده صورتحال واضح ڪري ٿي ته ايندڙ دور ۾ وچ اوڀر جي سياست قومي رياستن بدران اثر وارن علائقن، بندرگاهن، سامونڊي چوڪن ۽ وار لارڊز جي انتظام هيٺ هلندڙ زونن ۾ ورهائجي سگهي ٿي. حوثين جي سامونڊي حڪمت عملي، سعودي عرب جي محتاط پسپائي، متحده عرب امارات جي بندرگاهي ماڊل، ترڪي جي وڌندڙ علائقائي خواهشن ۽ اسرائيل جي آفريڪا تائين وڌندڙ اثر مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته يمن ايندڙ سالن ۾ صرف تڪرار جو ميدان نه، پر نئين علائقائي ترتيب جو ٽيسٽ ڪيس هوندو.
جيڪڏهن يمن ۾ سياسي حل بدران اثر جي سياست جاري رهي، ته اهو خطو مستقل بحران، سامونڊي عدم تحفظ ۽ عالمي واپار جي عدم استحڪام جو مرڪز بڻجي سگهي ٿو. پر جيڪڏهن علائقائي ۽ عالمي قوتون يمن کي صفر-سم گيم بدران گڏيل سلامتي جي فريم ۾ ڏسڻ شروع ڪن، ته يمن باب المندب جو محافظ، ريڊ سي جو استحڪام ڏيندڙ ۽ نئين وچ اوڀر ۾ توازن جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو. سوال اهو ناهي ته يمن کي ڪير ڪنٽرول ڪندو، اصل سوال اهو آهي ته نئون وچ اوڀر جنگي چوڪن تي ٻڌل هوندو يا واپاري استحڪام تي؟ ۽ ان سوال جو جواب يمن جي ميدان تي لکيو پيو وڃي. نئون وچ اوڀر يمن کي نظرانداز ڪرڻ جي گنجائش نٿو رکي. يمن يا ته علائقائي استحڪام جو گيٽ ڪيپر بڻجي سگهي ٿو، يا مسلسل بحران جو مرڪز. چونڊ علائقائي ۽ عالمي پاليسي سازن جي حڪمت عملي تي دارومدار رکي ٿي.