نئون چونڊيل ايم اين اي عرفان لغاري، قمبر لغاري ۽ نظر پنھور گرفتار
فيبروري 12, 2024
ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي تي سرڪار پاران ايس ايڇ او بي سيڪشن محمد انور لغاري جي فرياد تي تازو اين اي 227 تي چونڊيل ايم اين اي عرفان ظفر لغاري سندس جو ڀاء اڳوڻو ايم اين اي عمران ظفر لغاري ۽ چاچو ٽائون ڪاميٽي سيتا جي چيئرمين قمبر لغاري سميت 200 نامعلوم ماڻھن مٿان دھشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو ڪيس ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو آھي ته جوابدارن پاڪ آرمي جي ڊگري ڪاليج واري ڪئمپ ۽ آر او آفيس مٿان فائرنگ ڪري دھشتگردي ڪئي ۽ ھل ھنگامو ڪيو آھي ڪيس ۾ دھشتگردي جا قلم پڻ لڳايا ويا آھن. هوڏانهن ميھڙ پوليس پ پ پ ايم اين اي عرفان ظفر لغاري ، سيتا ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين قمبر لغاري ، پ پ پ يوٿ تعلقه ميھڙ جي صدر نظر پنھور جي گرفتاري ظاھر ڪري ڇڏي ميھڙ پوليس موجب گرفتار جوابدارن کي اڄ دھشتگردي جي عدالت ۾ رمانڊ لاء پيش ڪيو ويندو پوليس موجب ڪيس ۾ ڄاڻايل 200 نامعلوم ماڻھن مان وڌيڪ جوابدارن کي به گرفتار ڪيو وڃي ٿو جن کي پڻ رمانڊ لاء عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.